Seerat e Data Ali Hajveri

Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

۾ پهچي ويس ـ مونکي ڏاڍو سٺو لڳو، ائين مان پابندي سان وڃڻ شروع ڪيو، آهستي آهستي عِمامو شريف به سجائي ڇڏيو، جنهن تي گهر جي ڪِن ڀاتين سختي سان مُخالَفَت ڪئي، ايتري تائين جو اڪثر دفعا مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ عِمامو شريف ڇِڪي لاٿو ويندوهو. درس ڏيڻ جي لاءِ منع ڪيو ويندو هو پر سجائڻ جي نيّت هئي انهن سڀني آزمائشن جي باوجود مدني ماحول جي ڪشش ۽ عاشقانِ رسول جو سهڻو سلوڪ ڏينهون ڏينهن مونکي دعوتِ اسلامي جي گهڻو ويجهو ڪندو ويو ـ مڪتبةُ المدينه کان جاري ٿيل سُنّتن ڀريل بيانن جون ڪيسٽون ٻڌڻ سان آٿت ملندي هئي ۽ حوصلو وڌندو ويوـ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! آهستي آهستي گهر ۾ به مدنِي ماحول ٿي ويو اهي گهر وارا جيڪي سُنّتن ڀريي اجتماع ۽ مدني قافلي ۾ سفر جي اجازت نه ڏيندا هئا، انهن مونکي يَڪمُشت ٻَارهن مَهِينن جي سفر جي اجازت ڏئي ڇڏي گهر ۾ اِسلامي ڀينرن جـو اِجـتماع شـروع ٿي ويو ـ والـد صـاحـب ڏاڙهـي سجائي ورتي. (غيبت جون تباھ ڪاريون)

گرچہ فنکار ہو، قافِلے میں چلو

 

گو گلو کار ہو،قافِلے میں چلو

خُلد در کار ہو، قافلے میں چلو

 

فضلِ غفّار ہو،قافِلے میں چلو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ويهڻ جون سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مِشْکاۃُ الْمَصابِیح ،ج۱ ص۵۵ حدیث ۱۷۵ دارالکتب العلمیۃ بیروت )