Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri
هٿ ۾ لٺ کڻي هر شيء کان بي نِياز، بوسِيدا، پُراڻي، موٽي ۽ کُردَرو (ناهموار) ٽاٽ جو لباس پائي وڃي رهيو هو، جڏهن اهو آبادي جي ويجھو پهتو ته رات گُذارڻ جي اِرادي سان هڪ اهڙي مَقام تي رُڪيو جتي بَظاهر دِيندار نَظَر اچڻ وارا ڪجھ ماڻهو به مَوجُود هئا، جن جا چهرا خُوشحالي ۽ بي فِڪري سان چمڪي رهيا هئا، جيئن ئي انهن جي نَظَر اِن مَفلُوڪُ الحال (هيڻي حال) شَخص تي پئي، ته اُن مان هڪڙي سَخت لَهجي ۾ سُوال ڪيو۔ ”تون ڪير آهين؟“ اُن مُسافِر نَرمي سان جواب ڏيندي چيو: مُسافِر آهيان، هتي رات گذارڻ چاهيان ٿو۔ اهي سڀ ٽهڪ لڳائي کِلي پيا ۽ اُن (مسافر) کي حَقارَت سان ڏسندي چيائون: هي اسان مان ناهي۔ مُسافِر اُنهن جي اِها ڳالھ ٻڌي ڪري خُوش ٿي ويو ۽ جواب ۾چيائين: واقِعي آئون توهان مان ناهيان۔ رات ٿي ته اُن مان هڪ شَخص اُن جي اڳيان سُڪل ماني رکي ڇڏي ۽ خود پنهنجي دوستن جي اُن مَحفِل ۾ شريڪ ٿي ويو، جنهن ۾ اهي طرح طرح جي عُمده ۽ لَذِيذ غِذائن مان مزو ماڻڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻئي سان مَذاق مسخري ۾به مَشغُول هئا۔ اُهي مُسافِر کي سُڪل ماني کائيندي ڏسي ڪري کلي رهيا هئا ۽ کاڌل خربوزي (گدري) جون کَلون اُن کي هَڻي رهيا هئا، سڄي رات اهي ماڻهو طَعنن ۽ مَهڻن جا تِير وَسائيندا رهيا يعني بُرو ڀلو چوندا رهيا، ايستائين جو صُبح ٿي وئي پر اهو صابِر ۽ شاڪر نَوجوان خُوش دِلي سان اُنهن جو ظلم برداشت ڪندو رهيو ۽ ڪا جوابي ڪاروائي نه ڪئي۔
(ڪشف المحجوب،ص۶۶،ملخصاً)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اچو ته! ان عظيم هستي جي شان ۾ شيخِ طريقت، اَمِيرِاهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي، حضرت علّامه مَوۡلانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوي ضِيائي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي لکيل منقبت جا ڪجھ اشعارٻُڌون ٿا: