Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan
شريعت جي عين مُطابِق ہئڻ گھرجي، بالفرض ناجائز ۽ گُناھ جي ڪمن ۾ ان جو استعمال نه به ڪيو وڃي، صرف فُضُول ڪمن ۾ ئي استعمال ڪيو وڃي، تڏهن به ان کان بچڻ ئي گھرجي، ڇو جو فُضُول ڪم وقت ضائع ڪرڻ سان گڏوگڏ انسان جي اسلام جي لَذَّت، حَلاوَت ۽ حُسن تي به اَثَر انداز ٿيندا آهن۔ سرڪارِ مدينه، سُرورِ قلب ۽ سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشادِ باقرينه آهي: مِنْ حُسْنِ اِسْلَامِ الْمَرْءِ تَرْكُهُ مَا لَا يَعْنِيْهِ يعني فُضُول ۽ بي مقصد ڪمن کي ڇڏي ڏيئڻ، اسلام جي حُسن مان آهي۔ ( ترمذی،کتاب الزھد،باب(ت:۱۱)،۴/۱۴۲،حدیث:۲۳۲۴)
موبائل جي غَلَط استعمال کان پيدا ٿيڻ واريون بُرائيون
بہرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄڪلھ موبائل فون جي فائدن کان وڌيڪ، ان جا نُقصان ۽ تباھ ڪاريون آهن۔ موبائل فون جي تباھ ڪارين ۽ فتني انگيزين جا مناظر ڏسي ڪري اکيون رَت جا ڳوڙها ٿيون وهائين۔ موبائل جي سبب اطمينان، سڪون، چين ۽ قرار ختم ٿي ويو…شرم ۽ حيا، عزّت ۽ وقّار هليو ويو… شريف ۽ عزّت دار عَورت جي حيا آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي…ابنِ آدم جي عزّت ۽ بنتِ حوّا جي عصمت ۽ پاڪدامني کي خطرن گھيري رکيو آهي…شرافت ۽ اَخۡلاق، تَہۡذِيب ۽ تمدُّن جو جنازو نڪري ويو…اِسراف ۽ فُضُول خرچيءَ جو بازار گرم ٿي ويو … ان جي غَلَط استعمال جي ڪثرت جي سبب وقت جي قدر ۽ قيمت جو احساس فنا ٿي ويو ۽ وقت ضائع ڪرڻ جو هڪ نئون دَور شروع ٿي ويو…رات جو اڪثر حصو موبائل جي ذريعي فُضُول گفتگو ڪرڻ جي سبب غير ضروري شَبِ بيدارين ۾ اضافو ٿي ويو… عشقِ مجازي جي بيماري زور پڪڙڻ لڳي…ناجائز اُلفت ۽ محبت کان نوجوانن جي زندگيون تباھ ٿيڻ لڳيون…