Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan
· ڪري وٺي، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ نجات پائيندو۔۔ (مدني پنج سورہ،ص250)
· جنهن جا گناھ گھڻا هجن، اهو ان اِسمِ پاڪ ”ياعَفُوُّ“ جي ڪثرت ڪري، اللہ تعاليٰ پنهنجي فضل سان ان جا تمام گناھ بخشي ڇڏيندو۔۔
(مدني پنج سورہ،ص257)
بَيان جو خُلاصو
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان عشقِ مجازي جي تباھ ڪارين ۽ موبائل ۽ اِنٽر نيٽ جي نُقصانن جي باري ۾ ٻُڌو۔
Ø يقينًا عشقِ مجازي ۽ بُري خواهشن ۾ مبتلا ٿيڻ، بي شمار گناہن ۾ مبتلا ٿيڻ جو سبب آهي ۔
Ø يقينًا عشقِ مجازي ۽ بُري خواهشن ۾ مبتلا ٿيڻ، پوري زِندگي جي پڇتاوي جو سبب بڻجندو آهي ۔
Ø عشقِ مجازي ۽ بُري خواهشن کان بچڻ جي لاءِ مرد جو اُن عورتن کان جن کان شريعت ۾ پردو آهي، ان سان اڪيلائپ اِختيار ڪرڻ يا غير شرعي طور تي رابطي ڪرڻ ،ڪيترن ئي گناہن جو سبب بڻجي سگھي ٿو ۔
Ø عشقِ مجازي ۽ بُري خواهشن کان بچڻ جي لاءِ مرد جو نامحرم عورتن سان فون، انٽر نيٽ، ايس ايم ايس يا واٽس ايپ جي ذريعي سان رابطو ڪرڻ کان بچڻ، بيحد ضروري آهي، نه ته هي بُري حرڪت پوري عمر جو آزار بڻجي سگھي ٿي۔
Ø عشقِ مجازي ۽ بُري خواهشن کان بچڻ جي لاءِ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ روئي روئي ڪري دُعا ڪريو۔
Ø عشقِ مجازي ۽ بُري خواهشن کان بچڻ جي لاءِ اِنٽرنيٽ ۽ موبائل جي