Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan
اڄ موبائل ۽ اِنٽرنيٽ سڀ کان وڌيڪ صِحَّت کي خراب ۽ اَخۡلاق کي تباھ ۽ برباد ڪري رهيا آهن، موبائل۽ اِنٽرنيٽ انساني بستين تي ڄڻ ته قبضو ڄمائي ورتو آهي، يا پوءِ هي چئو ته موبائل انسان جي اَخۡلاقي قَدرن ۽ مَذہَبي رِوايتن تي حملو ڪري ڇڏيو آهي۔
هڪ اِطّلاع جي مُطابِق اِنٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارن جي تعداد جي اعتبار کان ہِنۡد دُنيا جو ٽيون وڏو مُلڪ آهي جتي تقريبًا 15ڪروڙ 16لک ماڻهون اِنٽرنيٽ استعمال ڪندا آهن ۽ جيستائين موبائل فون استعمال ڪرڻ جي ڳالھ آهي، ته ہندوستان ان معاملي ۾ پوري دُنيا جي مُلڪن ۾ ٻي نمبر تي آهي، جتي 86 ڪروڙ 87 لک موبائل فون استعمال ۾ آهن۔ وڏي عُمر جي ماڻهن کان علاوہ گھٽ عُمۡر وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به وڏي تعداد ۾ موبائل جو ہر طرح سان استعمال ڪري رہيا آهن، موبائل فون جي بدولت عشقِ مجازي کي تمام وڏو فروغ مِليو آهي، ٽي وي هڪ کليل راز هو، پر موبائل هڪ ”پوشيدہ راز“ آهي جنهن ۾ نه ڄاڻي ڪهڙا ڪهڙا سنگين حقائق پوشيدہ آهن، تنهنڪري والدين کي گھرجي ته پنهنجي ٻارن جي نقل ۽ حرڪت تي توجّھ رکڻ سان گڏوگڏ حڪمتِ عملي سان گڏوگڏ اُنهن جي تَرۡبِيت جي به ڪوشش ڪندا رهن، بالخصوص جيڪي ٻار اڃا ننڍا آهن خُدارا اُنهن کي موبائل ۽ اِنٽرنيٽ جي نُقصانن جي زور دار سيلاب کان بچايو، نه ته ڪٿي ائين نه ٿئي ته انهن ٻارن جا گلشنِ ڪردار به ان سيلاب ۾ غرق ٿي وڃن۔ زهي نصيب خُود به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ پنهنجي ٻارن کي به ان مدني ماحول سان وابسته ڪري ڇڏيو، اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ قرآن ۽ سنّت جي مُطابِق ڏيڻ ۽ اَخۡلاقي تَرۡبِيت جي طرف ڀرپُور توجّھ ڏني ويندي آهي۔