Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:  حُسْنُ الظَّنِّ مِنْ حُسْنِ الْعِبَادَۃِ يعني حسن ظن عمده عبادت آهي۔ (ابوداود ج 4،ص387 حديث 4993) مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان  هن حديث شريف جا مختلف مطلب بيان ڪندي لکن ٿا؛ يعني مسلمانن کان سٺو گمان ڪرڻ، انهن تي بدگماني نه ڪرڻ هي به سٺي عبادتن مان هڪ عبادت آهي.  (مراٰةُ المناجيح ج 6 ص 621)

۽ بالفرض اسان جو رشتيدار سُستيءَ سبب يا ڪنهن به سبب ڄاڻي واڻي اسان وٽ نه آيو يا اسان کي ان دعوت نه ڏني، بلڪ کُلّم کُلّا اسان سان بد سلوڪي به ڪئي تڏهن به اسان کي وڏو حوصلو رکندي تعلقات برقرار رکڻ گھرجن، حضرت سيدنا اُبي بن ڪعب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي مديني جا سُلطان، رَحمتِ عالميان، سَروَرِ ذيشان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عظيم الشان آهي؛ جنهن کي هي پسند هجي ته ان جي لاءِ (جنت ۾) محل بڻايو وڃي ۽ ان جا درجات بلند ڪيا وڃن، ان کي کپي ته جيڪو ان تي ظلم ڪري هي ان کي معاف ڪري ۽ جيڪو ان کي محروم ڪري هي ان کي عطا ڪري، ۽ جيڪو ان سان قطع تعلق ڪري هي ان سان ناطو (يعني تعلق) جوڙي .          

(المستدرڪ للحاڪم ج 3 ص 12 حديث 3215)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  ڪڏهن ڪڏهن رشتيدارن سان لاتعلقي ۽ قطع رحمي جو سبب انهن کان ٿيندڙ معمولي غلطيون به هونديون آهن، اسان جو ڪو مائٽ جيڪڏهن ڀل ۾ ڪا ڳالھ ڪري يا ڪو اهڙو ڪم ڪري جيڪو اسان جي دل آزاري جو سبب بڻجي ته اسان پنهنجي عيبن کي ڇڏي نفس ۽ شيطان جي چالن ۾ اچي ان رشتيدار کان ڳالھ ٻولھ، ڏيتي ليتي ۽ ٻيا معاملا ۽ لاڳاپا ختم ڪري ان کي سبق سيکارڻ ۽ هميشه هميشه جي لاءِ ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو ارادو ڪندا آهيون، هاڻي اهو ويچارو اسان جي سامهون