Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

طور والدين، ڀيڻ ڀائر، چاچا، ڀائيٽا ۽ ماما، ڀاڻيجا وغيره ته انهن سان ته اسان کي اڃا وڌيڪ حسن سلوڪ ۽ خيرخواهي جو ورتاء ڪرڻ گھرجي ۽ رشتيدارن مان به وڌيڪ حسن سلوڪ جا مستحق ته اسان جا والدين ۽ ڀيڻ ڀائر آهن، ماءُ  پيءُ اهي جن اسان کي نپايو، اسان جي بهتر تربيت ڪئي، برائي ڀلائي ۾ فرق سيکاريو، پاڻ تڪليف سهي اسان جي لاءِ راحت جو ذريعو ڪيو، جڏهن ته ڀيڻ ڀاءُ اهي آهن جيڪي اسان جي ننڍپڻ جا ساٿي آهن، چڱي بري وقت جا رفيق ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو جو هڪ ئي ماء پيء جو اولاد آهيون، پر افسوس! جو اڄڪلھ جيڪڏهن والدين پنهنجي اولاد کان ناراض آهن ته اولاد به پنهنجي والدين کان پاسو ڪندي نظر اچي پيو، وڏا ڀيڻ ڀاء پنهنجي ننڍن کان ناراض آهن ته ننڍا به پنهنجي وڏن ڀيڻ ڀائرن سان ادب واحترام سان پيش اچڻ لاءِ تيار ناهن، افسوس جو معمولي ناراضگين جي ڪري گڏ رهڻ جي باوجود ڪيئي ڏينهن تائين سڳن ڀائرن جي پاڻ ۾ ڳالھ ٻولھ بند رهندي آهي، ۽ جيڪڏهن پري رهندا هجن ته ڪيئي مهينن تائين بلڪ ڪڏهن ته سالن تائين هڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ پسند نه ڪندا آهن.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

تُوبُوااِلَی اللہ         اَستَغفِرُ اللہ!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪامل مسلمان بڻجڻ جي لاءِ، نمازن ۽ سنتن جي عادت بڻائڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ معاشري جي ڪيئي بگڙيل ماڻهو دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان سڌي راھ تي اچي خوب نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي رهيا آهن، دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته