Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

۽ انهيءَ جڳھ کي کوٽيو توهان کي ملي ويندي پوءِ ان ائين ڪيو ته مال ملي ويو، مون ان کان پڇا ڪيو؛ تون ته نيڪ هئين تون هت پهچي وئين؟ ته ان چيو؛ منهنجا ڪجھ رشتيدار خراسان ۾ هئا جن کان مون قطع تعلق ڪيو (يعني مائٽي ٽوڙي) انهي حالت ۾ مون کي موت اچي ويو انهي ڪري مون کي اها سزا ڏني وئي ۽ انهي جڳھ تي پهچايو ويو۔   (تنبیہ الغافلین ص۷۲ مُلَخّصاً)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! قطع رحمي يعني پنهنجي عزيزن مائٽن سان تعلق ختم ڪرڻ، ڪيڏو نه برو آهي ان سبب ڪئي نيڪين جو اجر به ضايع ٿي ويندو آهي ۽ آخرت ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت کان دوري به ٿي سگھي ٿي، عزيزن سان ڀلائي نه ڪرڻ وارن ڏانهن قيامت جي ڏينهن الله ربُّ الۡعِزَّت  رحمت جي نظر نه ڪندو، قدرت باوجود عزيز جي ضرورت پوري نه ڪرڻ واري تي جھنّم جو هڪ وڏو نانگ مقرر ڪيو ويندو جيڪو ان قاطع رحم جي ڳچيءَ جو هار بڻجي ويندو، عزيزن سان تعلق ختم ڪرڻ واري کي آخرت سان گڏوگڏ دنيا ۾ سزا ڏني ويندي .

گناہ بے عدد اور جُرم بھی ہیں لاتعداد       معاف کردے نہ سہہ پاؤں گا سزا  یا  ربّ

                          (وسائلِ بخشش،ص۷۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور اهي رشتيدار جن سان اٿڻ ويهڻ گھڻو هجي ۽ ميل ميلاپ به گھڻو هجي ته انهن سان ناراضگي ۽ رنجيدگيءَ کي به گھڻو منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيئن ڀيڻ ڀاء پاڻ ۾ وڌيڪ ويجھا هوندا آهن ان ڪري عام طور تي انهن جي وچ ۾ به تعلقات خراب ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي، پر جيڪڏهن اسان شريعت جي تقاضن ۽ اخلاقيات کي ملحوظ رکون ته اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ انهن رنجشن ۽ ناراضگين جو دروازو بند ٿي ويندو، وڏن ڀيڻ ڀائرن تي ننڍن جا ڪهڙا حق آهن ۽ ننڍن تي پنهنجي وڏي ڀيڻ ڀائرن جا