Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

مسڪيني جي ڪري ان کي پاڻ وٽ نٿا دعوت ڏين ته اهڙن کي پنهنجي دعوت ۾ سڏائڻ ته رهيو پر انهن سان سلام دعا جي حد تائين به تعلق رکڻ انهن کي نه وڻندو آهي، ائين مستحق زڪوٰة رشتيدارن کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويندو اهي، ايستائين جو ڪن خاندان ۾ ذاتي دشمنيون انهن کي فوتگي جي موقعي تي ڪفن دفن، جنازو نماز پڙهڻ ۽ تعزيت جي معاملي ۾ رڪاوٽ بڻجي وينديون آهن، مطلب ته رشتيدارن ۾ پهريان جيان محبت، خلوص ۽ خيرخواهي جو جذبو بلڪل ئي ختم ٿيندو پيو نظر اچي ڇو ته اسان پاڻ  انهن جي وچ ۾ درجه بنديون ڪيون آهن اهڙن نازڪ حالتن کي ڏسي اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته حقيقي صلهءِ رحمي کي هاڻي هڪ بوجھ سمجھيو ويندو آهي۔

بھائی حق مت مارنا گھر   بار  کا

ورنہ   ہوگا   مستحق   تُو  نار  کا

قريبي عزيزن سان قطع تعلق ڪرڻ ۽ مشڪل ۾ انهن جي ڪم نه اچڻ جي مذمت بابت ڪجھ عبرت آموز مبارڪ حديثون ٻڌو، خوف خدا کان ڊڄو ۽ پنهنجي عزيزن سان سهڻي ورتاءُ ڪرڻ جي نيّت ڪريو.

1.     اي امّت محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) قسم آهي ان ذات جو! جنهن مون کي حق سان گڏ موڪليو، الله تعاليٰ ان شخص جي صدقي کي قبول ناهي ڪندو جنهن جا عزيز ان جي ڀلائي جا محتاج هجن ۽ هو غيرن کي ڏئي، قسم آهي ان ذات جو! جنهن جي دست قدرت ۾ منهنجي جان آهي الله تعاليٰ اهڙي شخص ڏانهن قيامت جي ڏينهن رحمت جي نظر نه ڪندو۔       (مجمع الزوائد، کتاب الزکاۃ، باب الصدقۃ... الخ، ۳/۲۹۷،حدیث: ۴۶۵۲)

جيڪو شخص پنهنجي ڪنهن قريبي عزيز وٽ اچي ان جي حاجت کان علاوه واري اها شيء گھري جيڪا الله عَزَّ وَجَلَّ ان کي عطا ڪئي آهي پر