Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

چوڻ مڃي چاچي کي شادي ۾ نه سڏي يا پنهنجي ڀيڻ کي ڇڏي چاچي کي سڏي؟

سرڪار اعليٰ حضرت رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہ  هن جو جواب ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا؛ ڀيڻ ۽ چاچو ٻئي ذي رِحم مَحرَم آهن، ڪنهن سان قطعِ رِحم ڪرڻ جائز ناهي، زيد کي گھرجي ته پنهنجي ڀيڻ کي جنهن طرح ممڪن ٿئي راضي ڪري، جيتوڻيڪ پوشيده طور پنهنجي چاچي کي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏئي ۽ پنهنجي ڀيڻ کي چوي ته مون کي تنهنجي مرضي هر طرح سان منظور آهي، نه ان کي سڏيندس، نه شريڪ ڪندس، البت ايترو تون کي چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اهي پاڻ اچي وڃن ته ان تي مون سان ناراض نه ٿجان، ڇوته اهي تنهنجي ۽ منهنجي پيء جي جڳھ تي آهن، اجنبي ماڻهو (به ڪنهن دعوت ۾) بنا دعوت جي اچي وڃن ته ان کي ڪڍڻ بدتميزي آهي، هي ته پيءُ (ڇوته چاچو پيء جي قائم مقام هوندو آهي) مطلب ته ڪوڙا سچا ڪي جملا چئي ٻنهي کي راضي ڪري ان تي به ثواب ملندو، زيد پنهنجي ڀيڻ کي اهو جملو ”مان ان کي دعوت نه ڏيندس“ چوڻ سان مراد اهو وٺي ته مان پاڻ ان کي سڏڻ نه ويندس بلڪ ماڻهو يا خط موڪليندس، (۽ چاچي جي) ”پاڻ اچڻ“ مان اهو مراد وٺي ته اهو پنهنجي پيرن سان اچي نه اهو جو مان ان کي کڻي ايندس، ٻه رخي ڳالھ ڪري، ڪوڙن سچن جملن مان مراد جنهن جو ظاهر ڪوڙ ۽ مرادي معني سچ (جنهن کي عربي ۾ ”توريه“ چيو ويندو آهي) حديث ۾ فرمايو: اِنَّ فِي الْمَعَارِيضِ لَمَنْدُوحَةً عَنِ الْكَذِبِ۔ يعني بيشڪ اشارن سان گفتگو ڪرڻ ۾ ڪوڙ کان آزادي آهي۔ (السنن الکبریٰ، کتاب الشہادات، باب المعاریض فیہامندوحۃ۔۔۔الخ،۱۰/۳۳۶، حدیث: ۲۰۸۴۳،ازفتاویٰ رضویہ، ۲۴/۳۴۴،ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته سرڪار اعليٰ حضرت رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہ  سوال ڪرڻ واري کي شرعي ضرورت جي ڪري تورِيه جي ترغيب ارشاد