Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

فرمائي، شرعي عذر جي ڪري توريه ڪرڻ سان انسان ڪوڙ کان بچي ويندو آهي پر ياد رهي! توريو ڪرڻ جون مخصوص صورتون آهن، بنا ضرورت توريه ڪرڻ شرعاً ناجائز آهي جيئن ته صَدْرُالشَّريعه، بَدْرُالطَّريقہ مُفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہ   فرمائن ٿا؛ توريه يعني لفظ جا ظاهري معنيٰ جيڪا آهي اها غلط آهي پر چوڻ واري ٻي معنيٰ مراد ورتي آهي، جيڪا صحيح آهي، ائين ڪرڻ بنا ضرورت جائز ناهي ۽ ضرورت هجي ته جائز آهي، توريه جو مثال، توهان ڪنهن کي کاڌي جي لاءِ گھرايو اهو چوي ٿو ته ”مون کاڌو کائي ورتو“ پر اهو مراد اهو وٺي ته ڪلهه کاڌو هو اهو به ڪوڙ ۾ داخل آهي، (ان ڪري جو هتي توريو ڪرڻ جائز نه هو)  (بہارشریعت، ۳/۵۱۸،حصہ۱۶ملخصاً)

فتاويٰ رضويه جي سوال جواب مان اهو به معلوم ٿيو ته ڪنهن هڪ عزيز جي چوڻ تي بنا شرعي سبب ڪنهن ٻي عزيز کان قطع تعلق ڪرڻ شرعي طور منع آهي، عام طور اهڙي موقعي تي انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ مشڪل ٿي ويندا آهن ۽ هن موڙ تي وڏن وڏن جا پير ٿِڙي پوندا آهن پر همت سان ڪم وٺو رب تعاليٰ جي رحمت تي نظر رکو ۽ هن حديث پاڪ؛ حڪمت مؤمن جو گمشده خزانو آهي۔ (ترمذی، کتا ب العلم، با ب ماجاء فی فضل الفقہ علی العبادۃ،۴/۳۱۴، رقم: ۲۶۹۶)  کي سامهون رکندي حڪمت عملي ۽ ديانتداري سان اهڙي تدبير اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو جو ڌُرين ۾ صلح جي ترڪيب ٿي وڃي ۽ ڪنهن جي حق تلفي به نه ٿئي، ڇو ته ڪنهن هڪ ڌر جي ڳالھ تسليم ڪرڻ سان قطع رحم لازم ايندو جيڪو ناجائز ۽ حرام آهي اهڙو حڪم مڃڻ به شرعاً جائز ناهي جو جنهن سبب خالق ۽ مالڪ عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني لازم ايندي هجي، جيئن حبيب ڪبريا، احمد مجتبيٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: لَا طَاعَةَ لِمَخْلُوقٍ فِيمَعْصِيَةِ الْخَالِقِ يعني خالق عَزَّوَجَلَّ  جي نافرماني ۾