Silah Rehmi

Book Name:Silah Rehmi

·        رشتيدارن عزيزن يتيمن، بي سهارن سان صلهءِ رحمي جي ذريعي قرآني حڪم تي عمل ڪري ثواب جو انبار جمع ڪري سگھجي ٿو.

·         صلهءِ رحمي جي برڪت سان ڪيئي خانداني جھيڙا ختم ڪري گھرن ۾ رنجشون ختم ڪري سگھجن ٿيون۔

·       صِلہ رحمي ڪري الله عَزَّوَجَلَّ جي خوشنودي حاصل ڪري سگھجي ٿي۔

·        ڪنهن مسلمان جي طرفان معافي ۾ اڳرائي ڪرڻ تي به بنا شرعي عذر جي ان کي معاف نه ڪرڻ قيامت جي ڏينهن حوض ڪوثر تي حاضري کان محرومي ٿي سگھي ٿي.

·        بنا شرعي عذر جي رشتن کي ٽوڙڻ، حرام ۽ جھنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، ان ڪري اسان کي پاڻ به ان کان بچڻو آهي ۽ ٻين مسلمان کي به ان کان بچڻ جي ترغيب ڏيارڻ جو سلسلو جاري رکڻو آهي.

·       صِلہِ رحمي جي برڪت سان اسان جا ڪيئي غريب ۽ نادار مٽ مائٽ اسان جي ٿوري نرمي ۽ محبت جي ڪري شادين ۽ عيدن جھڙين خوشين تي اسان سان گڏ شامل ٿي سگھن ٿا۔

·       بنا شرعي عذر جي عزيزن سان ڀلائي نه ڪري ڪثير صدقو ۽ خيرات ڪندي به، الله تعاليٰ جي رحمت جي نظر کان محرومي ٿي سگھي ٿي۔

·       پنهنجي عزيزن جي چڙ ڏياريندڙ ڳالهين کي خوشي سان برداشت ڪرڻ وارو، انهن جي ڪاوڙ کي نظر انداز ڪرڻ وارو ۽ تعلق بحال ڪرڻ جي لاءِ انهن سان معذرت ڪرڻ وارو ظاهري طور پاڻ کي ڪمتر محسوس ڪري رهيو آهي پر حقيقت ۾ رب تعاليٰ جي بارگاھ مان عاليشان مرتبا ماڻي رهيو آهي.

اسان کي به گھرجي ظاهري طور نظر ايندڙ تڪليفن کي آخرت ۾ ملڻ