Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

پنج (5) ڀيرا حَیَّ عَلَی الْفَلَاحِ     (اچو ڪاميابي ڏانهن) جي صدا لڳائي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي ٿو پر بدقسمتي سان اسان حاضري کان محروم رهندا آهيون، ان ڪري مسجدن جي ويراني تي خوب دل جلايو، امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72 مدني انعامات مان مدني انعام نمبر 2 تي عمل جي سٺي نيت سان پنهنجي گھروارن، پاڙي وارن ۽ رشتيدارن کي نماز جي ترغيب ڏئي مسجد ۾ وٺي اچو، زور شور سان ”مسجد ڀريو تحريڪ“ هلايو، ۽ هڪ هڪ بي نمازي تي انفرادي ڪوشش ڪري ان کي نمازي بڻايو ۽ ائين پنهنجي مسجدن جي حفاظت به ڪيو، ڇوته جيڪو گھر پنهنجي رهڻ وارن سان آباد هجي ان تي ڪو قبضو نٿو ڪري سگھي، نه ته خالي گھر تي ڪوبه قبضو ڪري سگھي ٿو، مدني انعام نمبر 2  ڇا آهي؟ اچو هن کي به ڌيان سان ٻڌون ٿا؛

ڇا اڄ توهان پنج ئي نمازون مسجد جي پهـرين صـف ۾ تڪبير اُوليٰ سان باجماعت ادا فرمايون؟ ۽ هر ڀيري ڪنهن هڪ کي پاڻ سان گڏ مسجـد وٺي وڃڻ جي ڪـوشـش فرمائي؟  هن مدني انعام جي برڪت سان پاڻ کي به تڪبير اولي سان پهرين صف ۾ باجماعت نماز ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿيندي، ۽ ٻين کي به نماز جي دعوت ڏئي عظيم نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي ذريعي ثواب جو وڌيڪ خزانو گڏ ڪرڻ جو موقعو پڻ ملندو۔ اِنْ شَآءَ اللہعَزَّ وَجَلَّ

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان مبارڪ دؤر کي به ياد ڪيو جو جڏهن رات ڏينهن مسجدون آباد هونديون هيون، ۽ نمازين جي رونق رهندي هئي، جيئن؛

                                                 حُجَّة الاِسلام حضرت سيِّدُنا امام ابُو حامد مُحمّد بن مُحمّد بن مُحمّد