Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِحترامِ مسجِد جي حوالي سان فيضانِ سُنَّت (جلداوّل) صَفحَي 1202 تا 1207 تي بيان ڪيل مدني گلن مان ڪي گل قبول فرمائي پنهنجي دل جي مدني گلدستي ۾ سجائي ڇڏيو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ  ان جون برڪتون نصيب ٿينديون؛

(1) مسجد جي اندر ڪنهن قسم جو گند ڪچرو هرگز نه اڇلايو، سيّدُنا شيخ عبدالحق مُحَدّث دِهلوي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی ”جذبُ القلوب“ ۾ نقل ڪن ٿا ته مسجد ۾جيڪڏهن خَس (يعني معمولي ڪک يا ذرو) به اڇليو وڃي ته ان سان مسجد کي ايتريقدر تڪليف پهچندي آهي جيتريقدر تڪليف انسان کي پنهنجي اک ۾ ڪک (يعني معمولي ذرو) پئجي وڃڻ سان ٿيندي آهي۔ (جذب القلوب ص 257)

(2) مسجد جي ديوار، ان جي فرش، تڏي يا فراسيءَ جي مٿان ۽ ان جي هيٺان ٿوڪڻ، نڪ سڻڪڻ، نڪ يا ڪن مان گند ڪڍي لڳائڻ، مسجد جي فراسيءَ يا تڏيءَ مان ڌاڳو يا تيلو وغيره ڪڍڻ سڀ منع آهي۔

(3) ضرورت جي وقت پنهنجي رومال وغـيره سـان نڪ صاف ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي۔

(4) مسجد جو ڪچرو ٻُهاري اهڙي جاءِ تي نه اڇلايو جتي بي ادبي ٿئي۔

(5) جُتيون لاهي مسجد ۾ ساڻ کڻي وڃڻ چاهيو ته مٽي وغيره ٻاهر ڇنڊي وٺو۔ جيڪڏهن پيرن جي تِرين ۾ مٽيءَ جا ذرا لڳل هجن ته پنهنجي رومال وغيره سان اگهي پوءِ مسجد ۾ داخل ٿيو۔

(6)      مسجد جي وضو خاني تي وضو ڪرڻ کان پوءِ پير وضو خاني تي ئي