Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

اڇلائيندو آهي۔ جيڪڏهن ائين نه رڪجي ته مٿين ڏندن سان هيٺين چپ کي دٻائي ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح به نه رڪجي ته جيترو ٿي سگهي وات گھٽ کوليو ۽ کاٻي هٿ جو پويون پاسو وات تي رکي ڇڏيو۔جيئن ته اوٻاسي شيطان جي طرف کان آهي ۽ انبياءِ ڪرام
عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ان کان محفوظ آهن۔ انهيءَ ڪري اوٻاسي اچي ته هي تصوُّر ڪريو ته انبياءِ ڪِرامعَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي اوٻاسي نه ايندي هئي۔ اِن شآءالله عَزَّوَجَلَّ جلدي رڪجي ويندي۔ (ردالمحتار ج 2 ص 413)

(9) مسخري هونئن ئي ممنوع آهي ۽ مسجد ۾ سخت ناجائز۔

(10) مسجد ۾ حَدَث (يعني ريح خارج ڪرڻ) منع آهي .

(11)  قبلي جي طرف پير ڦهلائڻ ته هر جڳهه تي منع آهي۔ مسجـد ۾ ڪنهن طرف نه ڦهلايو جو هي درٻار جي آداب جي خلاف آهي۔ حضرت ابراهيم بن ادهمرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسجد ۾ اڪيلا ويٺا هئا۔ پير ڦهلائي ڇڏيائون۔ مسجد جي ڪنڊ مان هاتف آواز ڏنو۔ ”ابراهيم! بادشاهن جي حضور ۾ ائين ويهبو آهي؟“ جلدي پير سوڙها ڪري ڇڏيائون ۽ اهڙا سوڙها ڪري ڇڏيائون جو انتقال جي وقت ئي ڦهليا۔ (ننڍن ٻارن کي به پيار ڪرڻ، کڻڻ، سمهارڻ وقت احتياط ڪريو جو انهن جا پير قبلي جي طرف نه ٿين۔ پائخانو ڪرائڻ وقت به ضروري آهي ته ان جو رخ قبلي جي طرف نه هجي۔ )

 (12) استعمال ٿيل جُتيون مسجد ۾ پائي وڃڻ گستاخي ۽ بي ادبي آهي۔               

الٰہی کرم بہرِ شاہِ عَرَب ہو

ہمیں مَسجِدوں کا مُیَسَّر ادب ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد