Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

چڱيءَ طرح خشڪ ڪري ڇڏيو۔ آلا پير کڻي هلڻ سان مسجد جو فرش گندو ۽ فراسيون ميريون ۽ خراب ٿي وينديون آهن۔

(7) مسجد جي هڪ درجي کان ٻئي درجي ۾ داخل ٿيڻ وقت (مثال طور اڱڻ ۾ داخل ٿيو تڏهن به ۽ اڱڻ کان اندرئين حصي ۾ وڃو تڏهن به) ساڄو پير وڌايو وڃي ايستائين جو جيڪڏهن صف وڇايل هجي ان تــي به ساڄو پير رکو ۽ جڏهن اتان کان هٽو تڏهن به ساڄو پير مسجد جي فرش تي رکو (يعني ايندي ويندي هر وڇايل صف تي پهريان ساڄو پير رکو) يا خطيب جڏهن منبر تي وڃڻ جو ارادو ڪري ۔ پهريان ساڄو پير رکي ۽ لهي ته (به) ساڄو پير لاهي۔

(8) مسجد ۾ جيڪڏهن نِڇ اچي ته ڪوشش ڪريو آهستي آواز نڪري اهڙيءَ طرح کنگهه به۔ سرڪارِ مدينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسجد ۾ زور سان نِڇ ڏيڻ کي ناپسند فرمائيندا هئا۔ اهڙي طرح اوڳرائيءَ کي به ضبط ڪرڻ گھرجي ۽ نه ٿئي ته وس آهر آواز کي ضبط ڪيو وڃي جيتوڻيڪ مسجد کان ٻاهر ڇو نه هجو۔ خصوصي طور تي مجلس ۾ يا ڪنهن مُعَظم (يعني بزرگ) جي سامهون بي تهذيبي آهي۔ حديث ۾ آهي،”هڪ شخص درٻار اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ اوڳرائي ڏني پاڻ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايائون: ”اسان کان پنهنجي اوڳرائيءَ کي پري رکو جو دنيا ۾ جيڪي گهڻي مدت تائين پيٽ ڀريندا آهن اهي قيامت جي ڏينهن گهڻي عرصي تائين بُکايل رهندا۔“ (شرح السنة ج 7 ص 294 حديث 2944)  ۽ اوٻاسيءَ ۾ آواز ڪٿي به نه ڪڍڻ گھرجي۔ جيتوڻيڪ مسجد کان ٻاهر اڪيلا هجو ڇو ته هي شيطان جو ٽهڪ آهي۔ جڏهن اوٻاسي اچي ته جيترو ٿي سگهي وات بند رکو۔ وات کولڻ سان شيطان وات ۾ ٿُڪ