Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

Book Name:Masjid kay Aadab (Haftawar Bayan)

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي مسجد جي آداب جو مُعامَلَو گھڻو نازڪ آهي، ان ڪري وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٿوري بي احتياطي جي ڪري اسان مسجد جا حق ضايع ڪيون، شيخِ طريقت، اَمير ِاهلسُنَّت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمدالياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مسجد جي آدابن جو نهايت خيال ڪندا هئا، هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته هڪ ڀيري شيخِ طريقت، امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان جتي لاهي ٻنهي کي ڪپڙن سان صاف ڪيائون ۽ پوءِ مسجد ۾ داخل ٿيا، مدني مذاڪري ۾ ان جو سبب بيان ڪندي ارشاد فرمايائون: مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪپڙي سان پنهنجا پير صاف ڪندو آهيان ته جئين مٽي جو ڪو ذرو مسجد ۾ نه وڃي، وڌيڪ فرمائن ٿا؛ مان سنت تي عمل ڪرڻ جي نيت سان ڏاڙهي ۽ ڀروئن تي به تيل لڳائيندو آهيان پر ان کي خوب چڱي طرح صاف ڪندو آهيان ته جيئن ان تيل جي سڻڀ سان مسجد جو فرش آلوده نه ٿئي"۔

            اَمِيرِ اهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اڪثر جيب ۾ شاپر رکندا آهن ۽ مسجد جي فرش تي ڪريل وار ۽ ذرات وغيره کڻي ان ۾ وجھندا رهندا آهن ۽ ڪڏهن گھڻا شاپر رکندا آهن جيڪي ٻين اسلامي ڀائرن کي ترغيب ڏياري تحفي ۾ پيش ڪندا هئا ۽ اهڙي طرح مسجد جي ذرن کي کڻڻ جو ذهن ٺاهيندا آهن، مسجد جي آداب بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت ،امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو مسجدون خُوشبو دار رکو مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري پاڻ به مطالعو ڪيو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به توفيق مطابق تحفي ۾ پيش ڪيو، دعوت اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن رسالي کي پڙهي