Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

صدْرُ الْافَاضِل حضرت علّامه مولانا سَيد مُفتي محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن آيت تحت لکن ٿا: يعني آزمائش ۾ وجھي ته توهان نعمت، عزت ۽ مال حاصل ڪري شُڪر گُذار ڪيئن رهو ٿا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڪهڙي قسم جو سُلوڪ ڪيو ٿا۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيت سڳوري ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته دُنيا دارُالامتحان (يعني آزمائش جو گھر) آهي، هتي ڪنهن کي نعمتن ۽ نوازشن جي ذريعي آزمايو پيو وڃي، ته ڪنهن کي انهن شين کان محروم ڪري آزمائش ۾ وڌو پيو وڃي ته نعمتون ملڻ تي ڪير ڪهڙي انداز ۾ شُڪر يا ناشُڪري ڪري ٿو ۽ نعمتون نه ملڻ تي ڪير ڪهڙي طرح صبر يا بي صبري ڪري ٿو، تنهنڪري اسان کي کپي ته هرحال ۾ صبر ۽ شُڪر سان ڪم وٺندي شرعي اَحڪامن تي عمل سان گڏوگڏ خُوش دِلي سان گهڻو ڪري صَدَقو ۽ خَيرات ڪيون ۽ پنهنجي آخرت جي لاءِ اَجر ۽ ثَوَاب جو ذَخِيرو گڏ ڪرڻ ۾ مصروف رهون۔ قرآنِ ڪريم ۾ مختلف هنڌن تي صَدَقو ۽ خَيرات ڪرڻ جي ترغيب ۽ تاڪيد بيان ڪئي وئي آهي، جيئن ته سيپاري 27 سورة الحديد جي آيت نمبر 10 ۾ ارشادِ خداوندي آهي:

وَمَا لَكُمْ أَلَّا تُنْفِقُوا فِي سَبِيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ مِيرَاثُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ (پ۲۷،الحديد:۱۰)

تَرْجموڪنز الايمان: ۽ توهان کي ڇا آهي جو الله جي راھ ۾ خرچ نٿا ڪيو حالانڪ آسمانن ۽ زمين سڀ جو وارث الله ئي آهي.

”سڀ جو وارث الله عَزَّ وَجَلَّ ئي آهي“ ان جي وضاحت ڪندي صدرُ الافَاضِل حضرت علّامه مولاناسَيد مفتي محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن



[1]…خزائن العرفان، پ۸، الانعام، تحت الآیۃ:۱۶۵،ص۲۸۵