Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat
ٿا: توهان برباد ٿي ويندؤ ۽ مال ان جي مِلڪ ۾ رهجي ويندو ۽ توهان کي خرچ ڪرڻ جو ثواب به نه ملندو ۽ جيڪڏهن توهان خُدا جي راھ ۾ خرچ ڪيو ته ثواب به ملندو۔([1]) اهڙي طرح هڪ ٻي هنڌ تي صَدَقي جي ترغيب ڏيندي فرمايو ويو:
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّى تُنْفِقُوا مِمَّا تُحِبُّونَ وَمَا تُنْفِقُوا مِنْ شَيْءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَلِيمٌ (پ۴،اٰلِ عمران:۹۲) | تَرْجموڪنز الايمان: اوهان ايستائين چڱائِئَ کي هرگِز نه پھچندؤ جيستائين پنهنجِي پيارِي شيءِ خرچ نه ڪندؤ ۽ اوهان جو ڪُجھه خرچ ڪندؤ سو الله کي معلُوم آھي. |
صدْرُ الْافَاضِل حضرت علّامه مولاناسَيد مفتي محمد نعيمُ الدين مُراد آبادي عَلَيه رَحمَۃُ اللّٰه ِالْهادِي هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا ته حضرت ابنِ عُمَر رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْهمَا فرمايو ته هتي خَرچ ڪرڻ عام آهي، تمام صَدَقات جيڪي يعني واجِب هجن يا نفلي سڀئي هن ۾شامل آهن۔ حسن جو قَول آهي ته جيڪو مال مُسلمانن کي پسند هجي ۽ ان کي رضاءِ الٰهي جي لاءِ خَرچ ڪري، اهو هن آيت ۾ داخل آهي، چاهي هڪ کجور ئي هجي۔
(حضرتِ سَيدُنا) عمر بن عبدُ العزيز (رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه) شَڪر (کنڊ) جون ٻوريون خريدي صَدَقو ڪندا هئا، انهن کي چيو ويو: ان جي قيمت ڇو نٿا صَدَقو ڪيو؟ فرمايائون : شَڪر مون کي پسند ۽ وڻندڙ آهي، آئون اهو چاهيان ٿو ته خدا جي راھ ۾ پياري شيءَ خَرچ ڪيان۔([2])
میں سب دولت رہِ حق میں لُٹا دُوں
شہا ایسا مجھے جذبہ عطا ہو