Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

بُزرگانِ دين جي سيرت جو مطالعو ڪيو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شرم ۽ حَيا پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته بُزرگانِ دين جا واقعا ۽ اُنهن جي سيرت جو مطالعو ڪيو وڃي، بعض اوقات الله وارن جي سيرت ۽ ڪردار سان متاثر ٿي بي حيائي ۽ گُناهن جي ڪمن کان نفرت،نيڪين ڏانهن رغبت ۽ اُنهن جھڙو ٿيڻ جي چاهت پيدا ٿيندي آهي۔ صحابي رسول حضرتِ سَيدُنا سلمان فارسيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شرم وحيا بابت سندن فرمان ٻڌو، جيئن پاڻ فرمائن ٿا ''مان مران ٻيهر زنده ٿيان، وري مران وري زنده ٿيان، وري مران وري زنده ٿيان تڏهن به مون وٽ ان کان بهتر آهي جو مان ڪنهن جي اوگهڙ (يعني شرمگاه) کي ڏسان يا ڪو منهنجي اوگھڙ کي ڏسي۔ (تَنْبِيه الْغَافِلِين ص۲۵۸)

سٺي صحبت اپنايو !

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حياءُ جي نَشوونُما ۾ ماحول ۽ تربيت جو به وڏو عمل دَخل هوندو آهي۔حيادار ماحول مُيسَّر اچڻ جي صورت ۾ حياءُ کي خوب نِکار ملندو آهي جڏهن ته بي حيا ماڻهن جي صحبت قلب (يعني دل) ۽ نگاه جي پاڪيزگي سَلْب ڪري بي شرم ڪندي آهي ۽ انسان بي شمار غير اَخلاقي ۽ ناجائز ڪمن ۾ مُبتَلا ٿي ويندو آهي۔ هر مسلمان کي گھرجي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت اختيار ڪري ۽ ڪنهن جي صحبت اختيار ڪرڻ کان پهريان اهو غور ڪري وٺي ته اهو ڪنهن جي صحبت اختيار ڪري رهيو آهي، ڇوته ديندار دوست تلاش ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندي حضرت سَيدُنا عُمر فارُوق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ”سچا دوست تلاش ڪيو ۽ انهن جي پناھ ۾ زندگي گُذاريو ڇوته اهو خوشي جي حالت ۾ زينت ۽ آزمائش جي وقت سامان آهي ۽ ڪنهن گناهگار جي صحبت اختيار نه ڪيو نه ته ان کان گناھ ڪرڻ ئي سکندؤ۔

( احياء العلوم ،۲/۲۱۴)