Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

مدني آقا جن جو شرم  ۽  حياءُ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو ته جڏهن آقا  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ صحابي جي شرم ۽ حياء جو اهو عالم آهي ته پوءِ خود شرم ۽ حياء جي پيڪر  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي حياء جو عالم ڇا هوندو، جيئن

مدني آقا  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شرم ۽ حَياء جي باري ۾ مشهور صحابيء رسول حضرت سَيدُنا ابُوسعيد خدري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته نبيء اڪرم،رسولِ مُحتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کان به وڌيڪ شرميلا هئا جيئن ڪنواري ڇوڪري پنهنجي پردي ۾ شرميلي هوندي آهي۔ (مشڪاۃ،ڪتاب احوال القيامۃ…الخ،۲/۳۶۵،حديث:۵۸۱۳)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪيل حديث جي شرح ۾ ارشاد فرمائن ٿا: ڪنواري ڇوڪري جي جڏهن شادي ٿيڻ واري هوندي آهي ته ان کي گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهاريو ويندو آهي۔ ان کي سنڌي ۾ وناء ويهارڻ چيو ويندو آهي، هن عرصي ۾ ڇوڪري تمام گھڻي شرميلي هوندي آهي، گھر وارن کان به شرم ڪندي آهي، ڪنهن سان گھڻو ناهي ڳالهائيندي، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شرم ان کان به وڌيڪ هئو، حياء انسان جو خاص جوهر آهي جيترو ايمان قوي (هوندو) ايترو حيا (به) گھڻو هوندو۔ (مرآۃ المناجيح،۸/۷۳)

آقا کی حیا سے جُھکی رہتی نظر اکثر

 

آنکھوں پہ مرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عُموماً زندگي ۾ انسان کي ٽن حالتن مان گذرڻو پوي ٿو (1) ننڍپڻ (2)جواني ۽ (3) پوڙهائپ۔ ننڍپڻ ۾ انساني طبيعت راند روند ڏانهن مائل هوندي آهي، پوڙهائپ ۾ عضوا ڪمزور ٿي ويندا آهن، بيماريون قابو