Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

Book Name:Qaboliyat e Dua Kay Waqiyat

اندر وٺي ويا، پوءِ حقيقتِ حال معلوم ڪئي ته ان رات وارو سڄو واقعو ٻڌائي ڇڏيو، صَفوَان بن مُحرِز الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ادا ڪيو ۽ پنهنجي ڀائٽي سان گفتگو ڪرڻ لڳا۔([1])

مِہرباں تُو ہی تُو ہی مددگار

جس کو دُنیا نے ٹھکرا دِیا ہے

اُس دُکھی دل کا تُو حامیِ کار

یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

دل سان گهرندڙ دعا اثر رکي ٿي

           مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دُعا جو هڪ اَدَب اهو به آهي ته ظاهري حالت سان عاجزي ۽ انڪساري جو اظهار هجي، دل حاضر هجي ۽ دُعا گھرڻ وارو ان ڳالھ جو يقين رکي ته الله عَزَّوَجَلَّ منهنجي دُعا پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ضرور قبول فرمائيندو۔ پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اُدْعُوا اللَّهَ وَاَنْتُمْ مُوقِنُونَ بِالْاِجَابَةِ وَاعْلَمُوا اَنَّ اللَّهَ لَايَسْتَجِيبُ دُعَاءًمِن ْقَلْبٍ غَافِلٍ لَاهٍ     يعني الله عَزَّوَجَلَّ کان اهڙي طرح دُعا گھرو جو توهان کي قبوليتِ دُعا جو پورو يقين هجي ۽ ياد رکو ته الله عَزَّوَجَلَّ غافل دل جي دُعا ناهي ٻڌندو۔([2])

هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيه السَّلَام جو هڪ اهڙي شخص وٽان گذر ٿيو جيڪو نهايت ٻاڏائي دُعا گھري رهيو هو۔ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام جن فرمايو ته جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته مان ضرور ان جي حاجت پوري ڪيان ها، اللهعَزَّوَجَلَّ انهيء وقت حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام تي وحي موڪلي: اي

 

 



[1]عیونُ الحکایات،۲/۲۲۰

[2]ترمذی،کتاب الدعوات،باب فی جامع الدعوات،۵/۲۹۲،حدیث:۳۴۹۰