Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

ربیعِ پاک تجھ پر اہلسنّت کیوں نہ قرباں ہوں

کہ   تیری   بارھویں  تاریخ   وہ   جانِ   قمر   آیا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو ته اجتماعِ مِيلاد ۾ حُضُورِ پُرنُور، شافِعِ يومُ النُّشُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادَتِ پاڪ، رَضاعَتِ مُبارَڪه ۽ ننڍپڻ شريف جا واقِعا بيان ڪرڻ، ان جي لاءِ اجتماعِ ذڪرونعت مُنعَقِد ڪرڻ، ان ۾ ٿيڻ وارن بَيانن جي لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، وِلادَتِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُوشي ۾ ماڻهن کي کاڌو کارائڻ جائز آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مسلمان ان مبارڪ مهيني ۾ جَشنِ وِلادت جي خُوشي ملهائن ٿا، مسجِدن، گھرن، دُڪانن ۽ سُوارين تي ۽ پنهنجي پاڙي ۾ به مدني پرچم لڳائيندا آهن، خُوب چَراغان ڪن ٿا۔ ربيعُ الاوّل شريف جي ٻارهين رات حُصُولِ ثواب جي نيت سان اجتِماعِ ذِڪر و نعت ۾ شرڪت ڪن ٿا، صُبحِ صادِق جي وَقت مدني پرچم کڻي دُرُود و سلام پڙھندي اَشڪبار اکين سان صُبحِ بهاران جو اِستِقبال ڪندا آهن، 12 ربيعُ الاول شريف جي ڏينهن روزو رکي جُلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿين ٿا۔ ميلاد شريف ملهائڻ وارن اهڙن عاشقانِ رسول کان ته پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خُوش ٿين ٿا، جيئن ته

اسان به ان سان خوش ٿيون ٿا

هڪ بزرگ رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته ” اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه مون کي خـواب ۾ تاجدار رسالت شهنشاهِه نبوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ٿي ته مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا توهان کي مسلمانن جو هر سال توهان جي