Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

تری سُنّتوں پہ چل کر میری روح جب نکل کر

 

چلے تم گلے لگانا مدنی مدینے والے

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جا اهم مدني گل

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو شيخِ طريقت،اميراهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101 مَدَني گل“ مان ڳالھ ٻولھ جي حوالي سان ڪجھ اهم مدني گل ٻڌون ٿا:

* مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي۔ * مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي وٽ توهان معزز رهندؤ۔ * وڏي آواز سان ڳالهائڻ ۾ بي حد احتياط ڪيو * کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به ادب سکندو * ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵