Book Name:Huzor ka bachpan

·         

·        مڪي مدني مصطفيٰ،حبيبِ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪت سان ابو طالب جي ٻارن جو پيٽ ڀرجي ويندو هئو۔

·        مڪي مدني مصطفيٰ،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو جانورن  به ادب ڪيو، سجدا ڪيا ۽ درندن به قدم شريف چمڻ  جي سعادت حاصل ڪئي۔

·        مڪي مدني مصطفيٰ،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي بادلن ڇانو ڪئي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اشاري سان خوب وسيا۔

اُن کا بچپن بھی ہے جہاں پرور

وہ تو جب بھی تھے پالنے والے

(ذوقِ نعت،ص١٧١)

اي ڪاش ته سمورا والدين، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ننڍپڻ کي مدِ نظر رکي ڪري پنهنجي ٻارن جي صحيح اسلامي تعليمات جي مطابق مدني تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سنّت کے مطابِق میں ہر اک کام کروں کاش

 

تُو پیکرِ سنّت مجھے اللہ! بنادے

(وَسائلِ بخشش(مرمم)،ص۱۱۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵