Book Name:Huzor ka bachpan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان حُضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ شريف جي ڪجھ دلنشين احوال جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي ته

·        مڪي مدني مصطفيٰ،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي تمام رِضاعي مائرن کي اسلام جي دولت نصيب ٿي۔

·        مڪي مدني مصطفيٰ،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برڪت سان حليمه سعديه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جو خچر توانا ٿيو ۽ انهن جي جانورن جا ٿڻ کير سان ڀرجي پيا.

·        مڪي مدني مصطفيٰ ،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 9 مهينن جي عمر ۾ فصيح ڪلام ڪيو ۽ 10 مهينن ۾ تِير اندازي فرمائي۔

·        مڪي مدني مصطفيٰ،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ننڍپڻ ۾ به چنڊ سان ڳالهيون ڪندا هئا۔

·         حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻين ٻارن وانگر نه روئيندا هئا ۽ نه گِريو زاري ڪندا هئا۔

·        مڪي مدني مصطفيٰ، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪلام جي ابتدا الله  عَزَّ وَجَلَّ جي ذِڪر سان ڪئي۔

·        مڪي مدني مصطفيٰ،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏيڻ وٺڻ ۾ ساڄي هٿ جو استعمال ڪندا هئا، نه رڙيون ڪندا هئا نه روئيندا هئا۔