Book Name:Huzor ka bachpan

شفاعت منهنجي حق ۾ قبول فرماءِ ۔“

حضرت سَيدُنا عثمان بن حُنيف رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا:خدا عَزَّ وَجَلَّ جو قسم! اسان اٿيا به نه هئاسين ڳالهيون ئي ڪري رهيا هئاسين جو هو اسان وٽ آيا، ڄڻ ڪڏهن نابين ئي نه هيا  ۔                                (معجم ڪبير،۹/۳۰حديث:۸۳۱۱ )

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته نيڪ ٻانهن کي وسيلو بڻائي دُعا گھرڻ، دُعائن جي قبوليت جو بهترين ذريعو آهي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي وسيلي سان گھري ويندڙ دُعائن کي نهايت جلد قبول ڪندو آهي۔ جيڪڏهن اسان جھڙا گنهگار به نيڪ ٻانهن ۽ ۽ انهن جي خالص ۽ مقبول نيڪين جي وسيلي سان دُعا گھرن ته الله عَزَّ وَجَلَّ جي ذات مان اُميد آهي ته هو اسان جون حاجتون پوريون ڪندو، ڇو ته انهن جون نيڪيون بارگاھ خداوندي ۾ مقبول آهن، اسان دُعا ڪيون ٿا ته ’’اي اسان جا پاڪ پرورد گار عَزَّ وَجَلَّ! پنهنجي پياري نبي، سچّي نبي،آمِنه جي پياري، نبي، حبيبِ ڪبريا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مقبول سجدن جو واسطو، حضرت ِ امام حُسَين رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي شهادت جو صَدقو ۽ حضور غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي اطاعتن جو واسطو اسان کي پنهنجي دائمي(هميشگي واري) رضا ، پنهنجي ۽ پنهنجي پياري حبيبصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سچي محبت، اولياء ڪرام جو اَدَب ۽ اِحترام ، نيڪ عملن تي اِستقامت، تَقوٰي ۽ اِخلاص ۽ بهتر خاتمي جي دولت سان مالامال فرما!

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد