Book Name:Huzor ka bachpan

رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها حصو ماڻيو بلڪ انهن جي جانورن به پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان خُوب خُوب فُيض ۽ بَرڪتون حاصِل ڪيون،

حضرت سَيدَتُنا حليمه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها فرمائن ٿيون ته (جڏهن)  اسان رَحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي هنج ۾ کڻي مڪي شريف مان پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين ته منهنجو اهو ئي خَچّر هاڻي ايتري قَدر تيز هلڻ لڳو جو ڪنهن جي سُواري ان جي غبار يعني پيرن تان اٿندڙ مٽيءَ تائين نه پهچندي هئي، قافلي جون عَورتون حَيران ٿي مون کي چوڻ لڳيون ته اي حليمه! ڇا هي اهو ئي خَچّر آهي جنهن تي تون سُوار ٿي آئي هئين يا ڪو ٻيو تيز رَفتار خَچّر تو ورتو آهي؟ مقصد ته اسان پنهنجي گھر پهتاسين اتي سَخت ڏڪار هو، سڀني جانورن جي ٿڻن ۾ کير خُشڪ ٿي چُڪو هو، پر منهنجي گھر ۾ قَدَم رکندي ئي منهنجي ٻڪرين جا ٿڻ کير سان ڀرجي ويا، هاڻي روزانو منهنجون ٻڪريون جڏهن چَر ڻ واري ميدان مان  گھر واپس موٽنديون هيون ته انهن جا ٿڻ کير سان ڀريل هوندا هئا جڏهن ته سڄي وسندي ۾ ٻئي ڪنهن کي پنهنجي جانورن جو هڪ قَطرو کير جو نه ملندو هو منهنجي قبيلي وارن پنهنجي ڌنارن کي چيو ته توهان به پنهنجن جانورن کي انهيء هنڌ چاريو جتي حليمه رَضِى الله تَعَالٰي عَنْها جا جانور چَرن ٿا۔ پوءِ سڀئي ماڻهو انهيء چَرڻ واري ميدان ۾ پنهنجو مال چارڻ لڳا، جتي منهنجون ٻڪريون چرنديون هيون پر هتي ته ميدان ۽ جَنگ جو ڪو عَمَل دَخَل ئي نه هو هي ته رَحمَت ِ عَالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نُبوّت جي برڪتن جو فَيض هو جنهن کي مان ۽ منهنجي مڙس جي علاوه قَوم جو ڪو شَخص نه سمجھي سگھندو هو۔ (سيرتِ مصطفي ص۷۵)

شاہِ جنّ و بشر، خیر سے میرے گھر

 

تیرے آئیں قدَم، تاجدارِ حرَم

دُور ہوں آفتیں، دیجئے راحتیں

 

ہو نگاہِ کرَم، تاجدارِ حرَم

(وسائلِ بخشش، ص۲۵۳)