Book Name:Huzor ka bachpan
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! محبوبِ ڪبرِيا، محمّدِ مُصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نشو ونُما ٻين ٻارن کان نِرالي هئي يعني جِسم شريف جو وڌڻ ٻين ٻارن کان بلڪل مُختلف هو، سڄي ڏينهن ۾ پيارا آقا، آمِنه جي دِلرُبا، صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارَڪ جسم ۾ ايتري نشوونُما ۽ توانائي ايندي هئي، جيتري عام طور تي ٻارن ۾ هڪ مهيني ۾ ايندي هئي۔
حضرت سيدُنا امام عبدُالله مروزي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه نقل ڪن ٿا ته جڏهن رسولِ اَڪرَم، شهنشاھ اُمَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عمر مبارڪ ٻن مهينن جي ٿي ته ٻارن سان گڏ گوڏن جي ڀر هلڻ لڳا، 3 مهينن جي ٿي ته بيهڻ لڳا، جڏهن 4 مهينن جي ٿي ته ڀت تي هٿ رکي هر پاسي هلندا هئا، 5 مهينن جي ٿي ته هلڻ ڦرڻ جي پوري قوت حاصل ڪري چڪا هئا۔ جڏهن عمر مبارڪ 6 مهينن تائين پهتي ته تيز هلڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، 7 مهينن جا ٿيا ته هر طرف چڱي نموني ڊوڙيندا هئا ۽ جڏهن 8 مهينن جا ٿيا ته ائين ڳالهائيندا هئا جو ڳالھ چڱي نموني سمجھ ۾ ايندي هئي، 9 مهينن جي عمر ۾ فصيح ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ جڏهن سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عُمر مبارَڪ 10 مهينن جي ٿي ته ٻارن سان گڏ تِير اَندازِي ۾ سَبقت کري ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: لِلّٰه دَرُّک يا نَفْسُ اَنَا اِبْنُ عَبْدِ الْمُطَّلِبِ يعني اي نفس! تو کي خدا ڀلائي ڏي، مان عبدُ المُطَّلِب جو پٽ آهيان۔ اِنهن ڏينهن ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ماڻهن پڇا ڪئي: توهان ڪير آهيو؟ فرمايائون: مان طاقت جي اِعتِبار سان هڪ مَضبُوط ترين عرَب آهيان، نيزي بازي ۾ انهن سڀني کان وڌيڪ بهادُر، دِين ۾ سڀ کان اعليٰ محمد بن عبدُ الله بن عبدُ المُطَّلِب(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) آهيان۔
(معارِجُ النُّبُوَّۃ، رڪن دوم، باب سوم، فصل دوم، ص۵۵)