Book Name:Huzor ka bachpan

اللہ   اللہ    وہ    بچپنے   کی     پَھبَن

 

اُس خدا  بھاتی صورت پہ  لاکھوں سلام

اُٹھتے   بوٹوں   کی    نشوونما     پر    دُرود

 

کِھلتے  غنچوں کی نَکْہَت پہ لاکھوں سلام

شعر جي مختصر وضاحت:

پهرين شعر جي وضاحت ڪندي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا:الله الله حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ شريف جي حُسن ۽ جمال ۽خوبصورتي ۽ خدا جي پسنديده صورت تي لکين سلام هجن۔ ٻئي شعر جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: جهڙي طرح ٻوٽن جي نشوونُما نهايت تيزي سان ٿيندي آهي، اهڙي طرح نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نشوونُما جو عالَم آهي جو پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڏينهن ۾ ايترو وڌندا آهن جيترا ٻيا ٻار هڪ مهيني ۾ وڌندا آهن ۽ هڪ مهيني جا ٿي سال جيترا نظر اچن ٿا، پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ان لاجواب نشوونُما تي جھومي جھومي درودِ پاڪ هجن، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ جسم جو وڌڻ مکڙي جي مهڪندڙ مهڪندڙ خوشبو سان مُشابهت رکي ٿو، ڇوته آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارڪ جسم مان به خُوشبو نڪري راهن کي مهڪائيندي هئي، ان بي مثال مهڪندڙ واڌاري تي خوب سلام هجن ۔

      هڪ ٻي هنڌ تي عاشقِ ماھ رِسالت،اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا:

گود میں عالَمِ شباب، حالِ شباب کچھ نہ پوچھ

 

گُلبُنِ  باغِ  نور کی اور  ہی  کچھ  اُٹھان  ہے

(حدائقِ بخشش،ص۱۷۹)

 

ڪلامِ رضا جي وضاحت: يعني منهنجي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن عالَمِ شباب (جواني) ۾ قدم رکيو ته ان وقت سندن جواني جي ڇا شان هئي؟ ان جو اندازو