Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat
”رمله“ نالي ڳوٺ ڏانهن هلياسين، رستي ۾ هي طئي ٿيو ته اسان مان هر شخص ڪا نه ڪا مُراد
پنهنجي دل ۾ رکي، مون اها مُراد رکي ته مون کي حضرت سيّدُنا شيخ ابن عَلا رَحْمَةُ
اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان
حسين بن منصور حلّاج رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مَناجات ۽ اشعار گهرجن. ٻئي هيءَ مُراد سوچي
ته مون کي تِريءَ جي بيماريءَ مان شفا حاصل ٿي وڃي. ٽئين چيو ته مون
کي برفي کائڻ جي خواهش آهي، جڏهن اسان خدمت ۾ حاضر ٿياسين ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ
تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدُنا
حسين بن منصور حلّاج رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا اشعار ۽ مُناجات لکرائي ڪري منهنجي لاءِ
تيار رکيا هئائون، جيڪي مونکي عطا فرمائي ڇڏيائون، ٻئي درويش جي پيٽ تي هٿ گهمايائون
ته ان جي تِريءَ جي تڪليف دور ٿي ويئي، ٽئين کي فرمايائون ته برفي شاهي درٻارن جي
غذا آهي جڏهن ته توهان صوفياڻو لباس پاتو آهي، تنهنڪري ٻنهي مان هڪ شيء اختيار ڪريو،
(کشف المحجوب،باب آدابھم فی الصحبۃ فی
الاقامۃ ،ص ۳۸۴ )
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! الله عَزَّ وَجَلَّ جي عطا
سان اولياءُ الله ماڻهن جي دلين جا
احوال ڄاڻي وٺندا آهن، تڏهن ئي ته حضرت سيّدُنا شيخ ابن علا
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بغير پڇڻ جي داتا گنج بخش حضرتِ سيّدُنا علي هجويري
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ سندن ساٿين جون دلي مُرادون بيان ڪيون ۽ ٻن جون مُرادون پوريون
ڪري ٽئين کي اصلاح جو مدني گل عطا فرمايائون۔ معلوم ٿيو
ته جڏهن الله عَزَّوَجَلَّ جي ولي جي
بارگاھ ۾ حاضري ٿئي ته دل سنڀالڻ گھرجي۽ تاحيات انهن اولياء ڪرام جي عقيدت ۽
مَحَبَّت کي دل ۾ قائم رکڻ گھرجي ائين نه ٿئي جو ٻانهو ڪجھ عرصو انهن جي صحبت ۾
رهي انهن کان تربيت ماڻي انهن کي حقير سمجھڻ لڳي، جيڪڏهن ڪو ائين ڪري يا دل ۾ به
اهڙو سوچي جو انهن اولياء ڪرام جي فيضان سان محرومي سان گڏوگڏ سخت نُقصان به کڻندو
آهي، جيئن ته