Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀرياِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ درود شريف
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ درود شريف
﴿1﴾جمعه جي رات جو دُرُود
اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّم وَبَارِک عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدِنِالنَّبِي الاُمِّي
الحَبِيبِ العَالِي القَدرِالعَظِيمِ الجَاہِ وَعَلٰي اٰلِہٖ وَصَحبِہٖ وَسَلِّم
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرا پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ([1])
﴿2﴾ سمورا گُناھ مُعاف
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِ نَا وَمَولَانَا مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِہٖ وَسَلِّم
حضرتِ سيدُنا انس رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ کان روايت آهي ته تاجدارِمدينہصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو :جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو ته ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])