Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat
جڏهن ٻڌي الله عَزَّوَجَلَّ جون آيتون ئي ٻڌي ۽ جڏهن ڳالهائي ته پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ جي ساراھ ڪندي ڳالهائي ۽ جڏهن چُرپر ڪري، اطاعتِ الٰهي ۾ چر پر ڪري ۽ جڏهن ڪوشش ڪري ته انهيءَ ڪم ۾ ڪوشش ڪري جيڪي قربِ الٰهي جو ذريعو هجن، الله عَزَّوَجَلَّ جي ذڪر سان نه ٿڪي ۽ دل جي نگاھ سان خدا جي علاوه غير کي نه ڏسي۔ هي صفت اَولياء جي آهي، ٻانهو جڏهن ان حال تي پهچندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جو ولي ۽ ناصر ۽ مُعين و مددگار ٿيندو آهي۔
(صراط الجنان ، ۴/۳۴۴)
ڪرامت ڇاکي چئبو آهي
صدرُ الشَّريعه، بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه بهارِ شريعت ۾ ڪرامت جي وصف بيان ڪندي فرمائن ٿا: ولي کان جيڪا ڳالھ عادت جي خلاف صادر ٿئي، ان کي ڪرامت چئبوآهي۔ (بہارِ شریعت، حصہ اول، ۱/۵۸ بتغیر قلیل) شيخ الحديث حضرت علّامه مولانا مفتي عبدُالمُصطَفٰي اَعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه اِرشاد فرمائن ٿا: مُؤمِن مُتَّقِي کان جيڪڏهن ڪا اهڙي نادِرُ الوُجُود ۽ تعجب ۾ وجهندڙ شيء صادر ۽ ظاهر ٿئي جيڪا عام طور تي عادتاً نه ٿيندي آهي ته ان کي ”ڪرَامَت“ چون ٿا۔ انهيء قسم جون شيون جيڪڏهن انبياء عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ کان اعلان نُبُوّت کان پهريان ظاهر ٿين ته ”اِرهَاص“ ۽ اِعلانِ نُبُوّت کان بعد ٿين ته ”مُعجِزَو“ چورائيندا آهن ۽ جيڪڏهن عام مؤمنن کان ان قسم جي شين جو ظهور ٿئي ته ان کي ”مَعُونَت“ چوندا آهن ۽ ڪنهن ڪافر کان ڪڏهن ان جي خواهش جي مُطَابِق ان قسم جون شيون ظاهر ٿين ته ان کي ”اِستِدرَاج“ چيو ويندو۔ (کراماتِ صَحَابہ، ص۳۶) خلافِ عادت ڳالھ مان مُراد اهو ڪم آهي جيڪو عام طور تي هر ڪنهن انسان کان ظاهر نه ٿيندو هجي مثال طور هوا ۾ اُڏامڻ، پاڻي تي هلڻ وغيره فعل ته عام طور تي ماڻهو نه ته هوا ۾ اُڏامي سگھي ٿو ۽ نه ئي پاڻي تي هلي سگھي ٿو۔ (فیضانِ مزاراتِ اولیاء،ص۴۶)