Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat
وڃو ٻاهران هڪ مٽي جو سر (ڀتر )کڻي اچ، هو مٽي جوسر (ڀتر) کڻي آئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه ڏاڍيان آواز سان سوره اخلاص پڙھي ان تي دَم ڪيو ته اهو مٽي جو سر(ڀتر) سون بڻجي ويو، اِهو ڏسي سڀئي ڏاڍا حيران ٿيا، عورت سون گھر کڻي وئي ۽ گھر وڃي ان به پاڪ صاف ٿي سوره اخلاص پڙھي مٽي جي هڪ ڀتر تي دم ڪيو پر هو سون نه بڻجي سگھيو، نيٺ ٽن ڏينهن تائين اهو ئي عمل ڪندي رهي پر ڪوفائدونه ٿيو۔ مجبور ٿي اها عورت بابا فريد رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ۽ چوڻ لڳي: سائين! مون به سوره اخلاص پڙھي پر مٽي سون نه بڻجي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمايائون: ته تو عمل ته اهو ئي ڪجھ ڪيو پر تنهن جي منهن ۾ فريد جي زبان نه هئي۔ ( الله کے سفير ، ص ۲۹۸ ملخصاً)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته اللهعَزَّ وَجَلَّ جا نيڪ ٻانها پنهنجي درٻار ۾ ايندڙ پريشان حالن، تنگدستن ۽ محتاجن جي مدد فرمائي ڪري انهن جي حاجت رَوائي فرمائيندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن سوالي کي ڏيڻ جي لاءِ هٿ وهٿ ڪجھ مَوجُود نه هجي تڏهن به اهي بزرگ سوالي کي هٿين خالي ناهن موٽائيندا ۽ پنهنجي اِختيارن کي استعمال ڪندي مٽي کي سون بڻائي سوالي جي مُراد پُوري ڪندا آهن ۽ اها به خبر پئي ته الله وارن جي زبانن ۾ هڪ الڳ ئي اثر هوندو آهي شيخِ طريقت ،اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه هن ڳالھ کي هڪ مثال سان سمجھائيندي فرمائن ٿا: ”ڪارتوس“ شينهن کي به ماري سگهي ٿو جڏهن ته بهترين بندوق سان چڱيءَ طرح فائر (FIRE) ڪيو وڃي، اهڙي طرح ايئن سمجهو ته وِردَ ۽ وظيفا ۽ دعائون ”ڪارتوس“ وانگر آهن ۽ پڙهڻ واري جي زبان بندوق وانگر. جو دعائون اهي ئي آهن پر اسان جون زبانون صحابين ۽ ولين سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جهڙيون ناهن. جنهن زبان سان روزانو ڪوڙ، گلا، غيبت، چُغلي، گارگند، دل آزاري ۽ بد اخلاقي نڪرندي هجي