Allah Walon Kay Ikhtiyarat

Book Name:Allah Walon Kay Ikhtiyarat

جيئن سيپاري 3سوره اٰلِ عمران آيت نمبر 49 ۾ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ روحُ الله علٰي نَبِينَا وَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام جو قول واضح طور تي نقل ڪيو ويو آهي:؛

اَنِّیۡۤ  اَخۡلُقُ لَکُمۡ مِّنَ الطِّیۡنِ کَہَیۡـَٔۃِ الطَّیۡرِ فَاَنۡفُخُ فِیۡہِ فَیَکُوۡنُ طَیۡرًۢا بِاِذۡنِ اللّٰہِ ۚ وَ اُبۡرِیُٔ الۡاَکۡمَہَ وَ الۡاَبۡرَصَ وَ اُحۡیِ الۡمَوۡتٰی بِاِذۡنِ اللّٰہِ ۚ 

ترجمو ڪنز الايمان: مان توهان جي واسطي مِٽئَ مان پکِي جِي شڪل ٺاهيندو آهيان پوءِ اُن ۾ ڦُوڪ هڻندو آهيان ته اُهو فورًا پکِي ٿِي ويندو آهي الله جي حُڪم سان ۽ مان شِفا ڏيندو آهيان مادرزاد انڌي کي ۽ ڪوڙھ واري کي ۽ مان مُئل جِياريندو آهيان الله جي حُڪم سان.

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو! حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله
علٰي نَبِينَا وَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام صاف صاف اعلان فرمائي رهيا آهن ته مان الله عَزَّ وَجَلَّ جي بخشيل قُدرت جي ذريعي مٽي مان پکي بڻائي ان ۾ رُوح وجھندو آهيان، مادر زاد انڌن کي بينائي ۽ ڪوڙھين کي شِفا ڏيندو آهيان ايستائين جو مُردن کي به زندهه ڪري ڇڏيندو آهيان۔ فيضانِ انبياءِ ڪرام سان اولياءِ عظام کي به اختيارات ڏنا ويندا آهن ۽ اهي به اهڙا ڪم سَراَنجام ڏيندا آهن جو اسان جو عقل دَنگ رهجي ويندو آهي۔ جيئن ته حضرت سَيدُنا سليمان علٰي نَبِينَا وَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام جا وزير حضرت آصف بن برخيا رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه الله عَزَّوَجَلَّ جي عطا ڪيل اِختيار کي استعمال ڪندي اک ڇنڀ کان پهريان پهريان ملڪ يمن مان بلقيس جي تخت کي حضرت سليمان عَلَيه السَّلَام جي بارگاھ ۾ پيش ڪري ڇڏيو جيئن ته قرآنِ پاڪ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: جيئن سيپاره 19 سُورَۃ النَّمْل آيت نمبر 40 ۾ ارشاد آهي:

اَنَا اٰتِیۡکَ بِہٖ قَبۡلَ  اَنۡ یَّرۡتَدَّ اِلَیۡکَ طَرۡفُکَ ؕ

 

ترجمو ڪنز الايمان:  مان ان کي حاضر ڪندس حضور ۾ اک ڇنڀ کان اڳ

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  ٻڌو اوهان ته هڪ وَليالله، اللهعَزَّ وَجَلَّ جي عطا ڪيل