Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

ويندي ته ان جو بُنيادي ۽ سڀ کان نمايان سبب عِلْمِ دين کان دُوري آهي۔ عِلْمِ دِين جي گھٽتائي ۽ دُرست رهنمائي کان محرومي جي سبب نه صرف مُعاملات ۽ اَخلاقيات ۾ بلڪه عقائد ۽ عبادات تائين ۾ طرح طرح جون بُرائيون ۽ خرابيون نهايت تيزي سان وڌنديون پيون وڃن، جنهن جي سدِّ باب جي لاءِ محض عِلمِ دين حاصل ڪرڻ ئي ڪافي ناهي بلڪه پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي ذريعي ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ به ضروري آهي۔ اهو ئي سبب آهي ته شيخِ طريقت، اميراهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجن مريدن، چاهيندڙن ۽ مُتَعَلّقين کي پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ۾ مگن رهڻ جو مدني ذهن ڏيندي اُنهن کي هي مَدَني مقصد عطا فرمايو آهي: مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

مجلس ”جامعةُ المدينه “ جو تعارف

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! انهيء مدني مقصد تحت دعوتِ اسلامي اڃا تائين 102 کان وڌيڪ شعبن ۾ سُنَّتن جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان ئي هڪ شعبو جامعةُ المدينه به آهي،شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي علم دوستي ۽ اشاعتِ عِلمِ دين جي تڙپ جي نتيجي ۾ ”مجلس جامعةُ المدينه“ جي تحت ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ سوين جامعات جو قيام عمل ۾ آيو آهي۔ جامعةُ المدينه جي سڀ کان پهرين شاخ 1995ء ۾ نيو ڪراچي جي علائقي مدرسةُ المدينه گودھرا ڪالوني بابُ المدينه (ڪراچي) جي ٻي منزل ۾ کولي وئي۔ جتي ٽن (3) استاد صاحبان اسلامي ڀائرن کي عالم ڪورس (درسِ نظامي) پڙھائڻ