Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba
1. اهليت رکڻ وارن تائين هن کي پهچائڻ، الله عَزَّوَجَلَّ جو قُرب حاصل ڪرڻ آهي۔ هي تنهائي ۾ غمخوار، خلوت جو ساٿي، خُوشي ۽ غمي تي دليل، دوستن وٽ زِينت، اجنبي ماڻهن وٽ قرابت دار ۽ جنّت جي راھ جو مينار آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ هن جي ڪري قومن کي بلندين سان نوازيندو آهي ۽ انهن کي نيڪي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ اهڙو رهنما ۽ هادي بڻائيندو آهي جو انهن جي پيروي ڪئي ويندي آهي، هر خير ۽ ڀلائي جي ڪم ۾ انهن کان رهنمائي ورتي ويندي آهي، ان جي نقشِ قدم تي هليو ويندو آهي، ان جي عملن و افعالن جي اقتدا ڪئي ويندي آهي، ان جي راءِ آخري حرف هوندي آهي، ملائڪ ان جي دوستي کي مرغوب (پسنديدهه) سمجھندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي پرن سان ڇُوهيندا آهن، هر خشڪ ۽ تر شيء ايستائين جو سمنڊ جون مڇيون، ڪيڙا ماڪوڙا، خشڪي جا درندا ۽ جانور، آسمان ۽ تارا سڀ انهن جي مغفرت گهرندا آهن_ ان ڪري ته علم انڌهي دلين جي زندگي، تاريڪ اکين جو نُور ۽ ڪمزور بدنن جي قوّت آهي۔ ٻانهو ان جي سبب نيڪ ماڻهن جي مرتبي ۽ بلند درجن تائين وڃي پهچي ٿو۔ علم ۾ غور۽ فڪر ڪرڻ روزا رکڻ جي برابر ۽ ان کي پڙھائڻ، رات جي قيام جي برابر آهي۔ علم جي ذريعي ئي الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۽ فرمانبرداري ٿيندي آهي، انهيء سان توحيد ۽ وَرَع ۽ تقويٰ ملي ٿو، انهي جي ڪري صِله رحمي ڪئي ويندي آهي، علم امام آهي ۽ عمل ان جو تابع۔ علم نيڪ بخت ماڻهن جي دلين ۾ وڌو ويندو آهي، جڏهن ته بدبختن کي ان کان محروم رکيو ويندو آهي۔
(جامع بیان العلم و فضلہ، باب جامع فی فضل العلم، ص۷۷، حدیث: ۲۴۰، بتغیر)
2. جيڪو شخص علم جي طلب ۾ ڪنهن راھ تي هلي، الله عَزَّوَجَلَّ ان جي لاءِ جنت جي راھ آسان ڪندو آهي۔