Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

(مسلم،کتاب الذکر والدعاء... الخ،باب فضل الاجتماع علی تلاوۃ القرآن...الخ، ص۱۴۴۷ حدیث: ۲۶۹۹)

1.       جيڪو شخص طلبِ علم جي لاءِ گھران نڪتو ته جيستائين واپس نه موٽي، الله عَزَّ وَجَلَّ جي راھ ۾ آهي۔ (ترمذی، کتاب العلم، باب فضل طلب العلم،۴/ ۲۹۴، حدیث:۲۶۵۶)

2.      الله عَزَّ وَجَلَّ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي، ان کي دِين جي سمجھ عطا ڪندو آهي۔ (بخاری، کتاب العلم، باب من یرد اللّٰه به خيراً...الخ ،۱/ ۴۲، حدیث:۷۱)

3.      جڏهن انسان فوت ٿي ويندو آهي ته ان جا عمل منقطع ٿي ويندا آهن، سواءِ ٽن(3) جي (1) صدقَه جاريه (2) اهڙو علم جنهن کان فائدو ورتو وڃي (3) نيڪ اولاد جيڪا ان جي لاءِدُعا ڪندي آهي۔

(مسلم،کتاب الوصیة،باب ما یلحق الانسان من الثواب بعد وفاتہ، ص ۸۸۶، حدیث:۱۶۳۱)

علم جي گھٽتائي جو نُقصان

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  هنن حديث سڳورين مان عِلمِ دين جا جتي ٻيا گھڻا فضائل معلوم ٿيا اُتي هي به معلوم ٿيو ته صدقه جاريه، عِلمِ دين جي اشاعت ۽ نيڪ اولاد اهڙيون نيڪيون آهن جو مرڻ کان بعد به انهن جو ثواب پهچندو رهي ٿو۔ لهٰذا پنهنجي ٻارن کي دِيني تعليم ڏيارڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو ۽ انهن کي جامعاتُ المدينه ۾ داخل ڪرايو۔ اڄڪلھ بُرائين مان سڀ کان وڏي بُرائي جَهالت آهي، جيڪا مُعاشري جي ٻين بُرائين ۾ سرِفهرست آهي، گھر ٻار جو معامله هجي يا ڪاروبار جو، دوست اَحباب جو هجي يا رشتيدار جو، نڪاح جو هجي يا اولاد جي سٺي تَربِيت جو، غرض ڇا حقوقُ الله ۽ ڇا حقوقُ العباد، زندگي جي هر شعبي ۾ جتي به جنهن انداز سان به خرابيون موجودن آهن، جيڪڏهن اسان سنجيدگي سان غور ڪيون ته اها ڳالھ اسان تي ظاهر ٿي