Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

دستگير رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي پاڪيزه ڪردار جي حوالي سان بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي ته

v      اسان جا غوثِ اعظم رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه صرف عبادت تي قوت حاصل ڪرڻ جي لاءِ کاڌو کائيندا هئا۔

v      اسان جا غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه پنهنجي مسلمان ڀائرن جي لاءِ پنهنجي ضرورت جون شيون ايثار ڪرڻ وارا هئا۔

v      اسان جا غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه مالِ دنيا ۽ دنيا دارن کان بي رغبت رهڻ وارا هئا۔

v      اسان جا غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ صبرڪرڻ وارا ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ  جي رضا ۾ راضي رهڻ وارا هئا۔

v      اسان جا غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه غريبن، فقيرن، مسڪينن ۽ مُحتاجن جي مدد ڪرڻ وارا هئا۔

v      اسان جا غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه خوب ذوق وشوق سان الله عَزَّ وَجَلَّ جي عبادت قرآنِ ڪريم جي تلاوت ۽ سجدن جي مٺاس ماڻڻ وارا هئا.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت