Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي ،حُضُورغوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه نِهايت خُشُوع و خضوع سان نماز و دُعا ۾ مَشغُول رهندا هئا ته مدني انعام نمبر44 ۾ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه به نماز ۽ دعا دوران خشوع و خضوع پيدا ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي۔ مطلب ته مدني انعامات عبادت ۽ رياضت جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين ۽ لاجواب نسخو آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ حُضُور غوثِ پاڪ رَضِى الله تَعَالٰي عَنْه جي صدقي ۾ اسان کي به عبادت جو ذوق ۽ شوق نصيب فرمائي ۽ روزانو پابندي سان فڪرِ مدينه ڪندي مدني انعامات جو رسالو ڀرڻ جي سعادت عطا فرمائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

 ڪتاب ”غوثِ پاڪ کے حَالات“  جو   تعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  حُضورِغوثِ اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي حالات، واقعات ۽ ڪرامات کي وڌيڪ تفصيل سان ڄاڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعَتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 106 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”غوثِ پاڪ کے حالات“ جو مُطالعو نهايت مُفيد آهي، هن ڪتاب ۾ شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جون ڪافي ڪرامتن جي علاوه پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي زندگي جا احوال، ننڍپڻ جا واقعا، علم ۽ تقوٰي جا واقعا، ۽ سندن شان ۾ تحرير ڪيل منقبتون ۽ اولياء ڪرام جو پاڻ سان عقيدت جي اظهار جي باري ۾ اقوال وغيره نهايت عُمده انداز ۽ ترتيب سان بيان ڪيا ويا آهن، هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان ھَدِيةً طَلَب ڪري پاڻ به هن جو مُطالعو فرمايو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download)۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان حضور سيدنا غوثِ اعظم