Book Name:Ghaus-e-Azam ka Kirdar

ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو باني دعوتِ اسلامي،شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان لباس جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔ فرمان مصطَفٰي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وسلَّم:® جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي جو جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسۡمِ اللهِ چوي۔ (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط ج ۲ ص ۵۹ حديث ۲۵۰۴) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله عَزَّ وَجَلَّ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان جي شرمگاھ کي ڏسي نه سگھن. (مراٰۃ ج۱ ص ۲۶۸) ® جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله عَزَّوَجَلَّ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ابوداؤد ج۴ص۳۲۶حديث ۴۷۷۸) ® لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي۔ (ڪشْفُ الاِلْتِباس فِي اسْتِحْبابِ اللِّباس لِلشَّيخ عبدالْحَقّ الدّھلَوي ص۳۶) ® (لباس) پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾۔ (اَيضاً۴۳) ® اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو۔


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵