Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

رسالن) کي عام ڪن ۽ هرمسلمان پنهنجي قَبر ۽ آخِرت جي بهتري جي لاءِ هنن مَدَني اِنعامات کي اِخلاص سان اپنائي الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم سان جَنّتُ الْفردوس ۾ مَدَني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو پاڙيسري بڻجڻ جو عظيم ترين انعام حاصل ڪري۔ اچو! اسان به نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون ۽ مدني انعامات تي نه صرف پاڻ عمل ڪيون بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياري کوڙ ثواب ڪمايون!

تُو ولی اپنا بنالے اُس کو ربِّ لَم یَزَل

مَدنی اِنعامات پر کرتا ہے جو کوئی عمل

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان اولياءُ الله جي شان بابت بيان ٻڌو، جنهن مان اسان کي معلوم ٿيو ته x الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ولين کي وڏي عظمت ۽ شان سان نوازيو آهي x الله عَزَّوَجَلَّ جا اولياء ڪرام اسان لاءِ تمام وڏي نعمت آهن x اوليائن جي صدقي برسات ٿئي ٿي x اوليائن جي صدقي ڀٽڪيلن کي هدايت ملندي آهي x اوليائن جي صدقي گنهگارن تي به رحمت ٿيندي آهي x اوليائن جي دُعائن جي برڪت سان ظالمن کان نجات ملندي آهيx  اوليائن جي دُعائن جي برڪت سان مصيبتن کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي x اوليائن جي نظر لوحِ محفوظ تي هوندي آهي x اولياء جي هڪ نگاھ سخت گنهگار کي به نيڪوڪار ۽ پٿر دل کي نرم دل بڻائي ڇڏيندي آهي x اوليائن جي صحبت تقويٰ جو سامان آهي x اولياء سان بغض رکڻ واري جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان اعلانِ جنگ آهي۔ ۽ هي به معلوم ٿيو ته x الله عَزَّوَجَلَّ جا اولياء نيڪ ۽ پرهيزگار ۽ صاحبِ علم هوندا آهن x جاهل شخص الله عَزَّوَجَلَّ جو ولي نٿو ٿي سگھي x شريعت ۽ طريقت هڪ ٻئي کان جدا نه آهن x ۽ نه ئي اولياء ڪرام شرعي احڪام کان آزاد هوندا آهن بلڪ x اهي نفوسِ قدسيه ته عام مخلوق کان وڌيڪ نماز روزو ۽ شريعت جي ٻين احڪامن جي پابندي ڪندا آهن۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي