Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

۽ مرتبو عطا فرمايو آهي ته انهن جي دُعائن سان ماڻهن کي زندگي عطا ٿيندي آهي، ظالمن کان نجات ملندي آهي، فصلن ۾ ڪثرت جي وجه سان رِزق ۾ فراواني ٿيندي آهي، ماڻهن جا غم پري ٿيندا آهن، مصيبتن ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪارو ملندو آهي ۽ انهن مان نيڪ هستين جي برڪت سان ماڻهو برسات جهڙي نعمت سان فيضياب ٿيندا آهن۔ اچو! ان باري ۾ حضور غوثِ اعظم دستگير جي ڦڦيء حضرت سَيدَه اُم عائشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْھَا جو هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا،

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه جي پُڦي جان جي ڪرامت

هڪ دفعي جيلان ۾ ڏڪار (يعني برسات ٿيڻ بند) ٿي پيو، ماڻهن نمازِ اِستِسقَاء (يعني اها نماز جنهن ۾ برسات جي لاءِ دُعا ڪئي ويندي آهي) پڙھي، پر برسات نه ٿي ته ماڻهو حضور غوثِ اعظم دستگير رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جي پُڦي جان حضرت سَيدَه اُم عائشه رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيها جي گھر آيا ۽ اوهان سان برسات جي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي، هو پنهنجي گھر جي صحن ڏانهن آيون ۽ زمين تي ٻهارو ڏئي دعا گھري: اي رَبُّ العالمين! مون ٻهارو ڏنو آهي ۽ هاڻي تون ڇڙڪاءُ فرما۔ ڪجھ ئي دير ۾ آسمان تان ايتري برسات ٿي جيئن مَشڪ جو منهن کوليو وڃي، ماڻهو پنهنجي گھرن ڏي اهڙي حال ۾ موٽيا جو تمام جا تمام پاڻي سان پسيل هئا ۽ جيلان شهر خوشحال ٿي ويو۔ (بہجۃالاسرار،ذکرنسبہ وصفتہ،ص۱۷۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ اللهعَزَّ وَجَلَّ جي ولين ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريون، ياد رکو! صحبت ضرور رنگ لائيندي آهي، جيڪڏهن چڱن جي صحبت ملي وڃي ته انسان ۾ چڱائي پيدا ٿي ئي ويندي آهي ۽ دل به گُناهن کان بيزار ۽ نيڪين جي طلبگار بڻجي ويندي آهي ۽ ان جي برعڪس الله نه ڪري بُري صحبت هجي ته انسان نه چاهيندي به بُرائين ۾ مبتلا ٿي ئي ويندو آهي، تنهنڪري