Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

نيڪ ماڻهن ۽ اولياءِ ڪرام سان عقيدت ۽ محبت رکڻ وارن ئي جي صحبت اختيار ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي صحبت جي برڪت سان اسان کي به اولياء ڪرام جو ادب ۽ احترام نصيب ٿئي، ڇو ته جتي انهن سان محبت جا فضائل موجود آهن، اتي انهن سان بغض رکڻ جون وعيدون به موجود آهن، بلڪ جڏهن هڪ عام مسلمان سان بِلا وجه شرعي دشمني ڪرڻ، بغض ۽ ڪينو رکڻ، حسد ۽ بدگماني ڪرڻ ۽ ان جي توهين ۽ اهانت ڪرڻ جائز ناهي ته پوءِ الله عَزَّ وَجَلَّ جي محبوب ٻانهن يعني اولياء عِظام سان اهڙا معاملا رکڻ ڪيتري قدر دنيا ۽ آخرت جي خساري جو سبب هوندا۔

حديثِ پاڪ ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي ولين سان دُشمني ڪرڻ وارن جي لاءِ انتهائي تشويشناڪ ڳالھ ارشاد فرمائي وئي آهي۔جيئن

الله عَزَّ وَجَلَّ جي طرفان اعلانِ جنگ

حضرت سيدُنا ابوهريره رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ارشاد فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمايو: جنهن منهنجي ڪنهن ولي سان دُشمني رکي ،ان سان منهنجو اعلانِ جنگ آهي۔ (بخاری،کتاب الرقاق، باب التواضع، ۴/۲۴۸،حدیث:۶۵۰۲)

مجلس مدني انعامات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِله عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي 100 کان وڌيڪ شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس مدني انعامات“ به آهي۔ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي خواهش مُطابق اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ جامعاتُ المدينه و مَدارِسُ المدينه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي باعمل بنائڻ جي لاءِ،مَدَني اِنعامات تي عمل جي ترغيب ڏيارڻ جي لاءِ”مجلس مدني انعامات“ جو قيام عمل ۾ آيو۔ امير اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: ڪاش! ٻين فرضن ۽ سُنتن جي بجا آوَري سان گڏوگڏ تمام اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون هنن مَدَني انعامات کي به پنهنجي زندگي جو دستورُ العَمَل بڻائي وٺن ۽ تمام ذمّيدارانِ دعوتِ اسلامي به پنهنجي پنهنجي حَلقي ۾ هنن (مَدَني انعامات جي