Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

الله تعاليٰ جي نورِ جلال جي معرفت ۾ مُستَغرَق (يعني ٻڏل) هجي، جڏهن ڏسي ته قدرتِ الٰهي جي دلائل کي ڏسي ۽ جڏهن ٻڌي، الله عَزَّوَجَلَّ جون آيتون ئي ٻڌي ۽ جڏهن ڳالهائي ته پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي ساراھ ڪندي ڳالهائي ۽ جڏهن حرڪت ڪري، اطاعتِ الٰهي ۾ حرڪت ڪري ۽ جڏهن ڪوشش ڪري ته انهيء ڪم ۾ ڪوشش ڪري جيڪي قُربِ الٰهي جو ذريعو هجن، الله عَزَّوَجَلَّ جي ذِڪر کان نه ٿَڪجي ۽ چشمِ دل (دل جي اک) سان خدا (عَزَّوَجَلَّ) جي سوا غير کي نه ڏسي۔ هي صفت اَولياء جي آهي، ٻانهو جڏهن ان حال تي پهچي ٿو ته الله عَزَّوَجَلَّ ان جو ولي و ناصر ۽ معين و مددگار ٿيندو آهي۔ (خزائن العرفان ،پ: ۱۱،سورۃ یونس ، تحت الآیۃ ۶۲)

عاشقِ اولياء ۽ عاشقِ غوث ورضا، باني دعوتِ اسلامي،شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه  ”وسائلِ بخشش“ ۾ لکن ٿا۔

مجھ کو اللہ سے محبت ہے

جس کو سرکار سے محبت ہے

آل و اصحاب سے محبت ہے

یہ اُسی کی عطا و رحمت ہے

اُس کی بخشش کی یہ ضمانت ہے

اور سب اولیاء سے اُلفت ہے

(وسائلِ بخشش،مُرمّم،ص 684)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! آياتِ مُبارڪه ۽ تفسيرن جي روشني ۾ جتي ولين جو بلند شان ۽ انهن جون صفتون معلوم ٿيون، اتي انهن جي اها خُصُوصي صفت به معلوم ٿي ته اولياءُ الله اِيمان وارا ۽ مُتّقي ۽ پرهيزگار هوندا آهن، هي الله وارا ڪڏهن به شريعت سان نٿا ٽڪرائن ۽ نه ئي شريعت جي مخالفت ڪندا آهن، هي پاڪ هستيون ته هر وقت الله تعاليٰ جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري ۽ عِبادت ۾ مصروف رهنديون آهن، الله عَزَّوَجَلَّ انهن سان راضي ٿيندو آهي، انهن کي پنهنجي معرفت ۽ سڃاڻپ عطا ڪندو آهي ۽ انهن کي پنهنجن رازن سان