Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

اڪبر رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جي باري ۾ فرمائي ٿو: ﴿ وَ  لَسَوۡفَ یَرۡضٰی ٪﴿۲۱﴾(پ۳۰،اللیل:۲۱) الله تعاليٰ صدّيق کي ايترو ڏيندو جو هو راضي ٿي ويندا (ترجمو ته هي بڻي ٿو "۽ بيشڪ قريب آهي ته هو راضي ٿيندا“۔ مطلب ته آسمانن ۾ ان (رضاءِ الٰهي طلب ڪرڻ واري مومن ٻانهي) جي نالي جي ڌُوم متل هوندي ۽ شور مچي ويندو آهي ته ”رَحْمَۃُ الله عَلَيه(وڌيڪ فرمائن ٿا ته) هي دعائيه جملا آهن، يعني الله تعاليٰ انهن تي رحمت ڪري، هي دُعا يا ته ملائڪن جي محبت جي ڪري ٿيندي آهي يا خود ملائڪ پنهنجو قُربِ الٰهي وڌائڻ جي لاءِ ئي دُعائون ڏيندا آهن، (پوءِ ئي رحمت ان مومن ٻانهي جي لاءِ زمين تي نازل ٿيندي آهي) اهڙي طرح جو قدرتي طور تي انسانن جي زبانن مان انهن جي لاءِ ”رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ۽ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه“ جهڙا دُعائن ڀريا جملا نڪرڻ لڳن ٿا ۽ ماڻهن جون دليون پنهنجو پاڻ انهن ڏانهن ڇڪجڻ لڳن ٿيون، دلين جي قدرتي ڪشش مومن ٻانهي جي محبوبِ خدا بڻجڻ جو دليل آهي۔ اهو ئي سبب آهي ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ۽ خواجه اجميري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه جهڙين (گھڻن) بزرگن کي اسان ناهي ڏٺو، پر سڀني کي انهن سان دلي محبت آهي۔ (مرآۃ المناجیح،۳/۳۸۹،بتغیر قلیل)

حضرت ابوهريره رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي، رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ارشاد فرمايو: ته الله عَزَّوَجَلَّ جڏهن ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪري ٿو ته حضرت جبرئيل عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي سڏي ان کي فرمائيندو آهي ته مان فُلاڻي سان محبت ڪيان ٿو، توهان به ان سان محبت ڪريو پوءِ حضرت جبرئيل عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان سان محبت ڪن ٿا، پوءِ حضرت جبرئيل عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام آسمان ۾ ندا ڪن ٿا ته الله عَزَّوَجَلَّ فلاڻي سان محبت ڪري ٿو توهان به ان سان محبت ڪريو ته آسمان وارا به ان سان محبت ڪن ٿا، پوءِ ان جي لاءِ زمين ۾ مقبوليت رکي ويندي آهي۔ (مسلم، کتاب البرّ والصلۃ والآداب، باب اذا احبّ اللہ عبداً حبّبہ الی عبادہ، ص۱۴۱۷، الحدیث:۱۵۷)