Auliya Allah Ki Shan

Book Name:Auliya Allah Ki Shan

آشنا ڪندو آهي۔ هي اهي بابرڪت هستيون آهن، جنهن کي دُنيا اولياءُ الله جي نالي سان ياد ڪندي آهي ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن ولي جو نالو الله عَزَّوَجَلَّ جي دوستن سان محبت ڪرڻ واري ڪنهن سچي مسلمان جي زبان تي ايندو آهي، ته زبان تان پاڻ مرادو ”رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه“ جي لفظن ۾ انهن جي لاءِ رحمت جي دعا نڪرندي آهي ۽ ڇو نه هجي جو حضرت سَيدُنا ثوبان رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن فرمايو ته ٻانهو الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا تلاش ڪندو رهي ٿو، انهيء جستجو ۾ رهندو آهي ايستائين جو الله عَزَّوَجَلَّ حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام کي فرمائي ٿو ته فُلاڻو منهنجو ٻانهو مون کي راضي ڪرڻ چاهي ٿو، باخبر رهو ته ان تي منهنجي رحمت آهي، تڏهن حضرت جبرائيل عَلَيه السَّلَام چوندا آهن، فُلاڻي تي الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت آهي، اها ئي ڳالھ عرش کڻڻ وارا ملائڪ چوندا آهن، اها ئي انهن جي آس پاس جا ملائڪ چوندا آهن، ايستائين جو ستين آسمان وارا به ئي چوڻ لڳندا آهن، پوءِ اها رحمت ان جي لاءِ زمين تي نازل ٿيندي آهي۔ (مشکوۃ المصابیح،کتاب الدعوات، باب سعۃ رحمۃ اللہ، ۲/۴۴۴، حدیث:۳۳۷۹)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه حديثِ پاڪ جي هن حصي ”باخبر رهو ته ان تي منهنجي رحمت آهي“ تحت فرمائن ٿا: يعني ان تي منهنجي ڪامل رحمت آهي، ان طرح جو مان ان سان راضي ٿي ويس۔ خيال رهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا تمام نعمتن کان اعليٰ نعمت آهي، جڏهن رَبّ تعاليٰ ٻانهي سان راضي ٿي ويو ته ڪونين (يعني ٻئي جھان) ٻانهي جا ٿي ويا، رَبّ تعاليٰ فرمائي ٿو: ﴿ رَضِیَ اللّٰہُ  عَنۡہُمۡ وَ رَضُوۡا عَنۡہُ ؕ (پ۳۰،البینۃ:۸) (يعني الله انهن سان راضي ۽ اهي الله سان راضي) پوءِ ٻانهي تي اهو وقت ايندو آهي جو رَبّ تعاليٰ ٻانهي کي راضي ڪندو آهي (جيئن ته) حضرت سَيدُنا صديقِ