Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

عَنْهنَّ اَجْمَعِين ۽ وَلِيات رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهنَّ اَجْمَعِين جي نالن تي رکڻ جو ذهن بڻايو ڇوته اهي نالا وڏي بَرَڪت وارا هوندا آهن۔ خُصُوصاً نامِ ”مُحَمَّد“ جي عظمت جي ته ڇا ڳالھ ڪجي هي اهو مُبَارَڪ نالو آهي جو ڪلِمَه طَيبَه، قُرآنِ ڪريم، اذان، نَماز، تِلاوت، دُرُودِ و سلام ۽ دِيني ڪتاب وغيره سڀئي هن مبارڪ نالي جي بَرڪتن سان مَعمور آهن، اهڙي طرح اولھ ۽ اوڀر ، اتر ۽ ڏکڻ، زَمين ۽ آسمان هر پاسيِ ”مُحَمَّد“ جي نالي جي شهرت ۽ جَلوا آهن ايستائين جو هڪ جائزي جي مُطَابِق دُنيا ۾ سڀ کان گھڻو رکيو ويندڙ نالو ”مُحَمَّد“ آهي۔ تنهنڪري جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان کي به ان مُعَزَّز ۽ مُڪرَّم نالي جون بَرَڪتون حاصل ٿين ته هن جو هڪ بهترين ذَرِيعو هي به آهي ته اسان پنهنجي ٻارن جو نالو ”مُحَمَّد“ رکون ته جيئن هي مُبَارَڪ نالا اسان جي بخشش ۽ مَغفِرت جو ذَرِيعو بڻجي وڃن ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي بَرَڪتن سان اسان کي به جَنَّت ۾ داخل فرمائي۔ اچو! ترغيب طور ”مُحَمَّد“جي نالي جي فضيلتن تي مُشْتَمِل 5 فَرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا، جيئن ته

اِرشاد فرمايائون: جنهن جي گھر پٽ پيدا ٿئي (اهو) منهنجي محبّت ۽ برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جو نالو ”مُحَمَّد“ رکي ته اهو ۽ ان جو پٽ ٻئي جنّت ۾ ويندا۔ (ڪنزالعمال،ڪتاب النڪاح، قسم الاقوال، الباب السابع…الخ،الفصل الاول في الاسماء و الڪني،جزء ۱۶،۸/۱۷۵، حديث:۴۵۲۱۵)

اِرشاد فرمايائون: جنهن دَستَرخوان تي ڪو ”اَحمَد“ يا ”مُحَمَّد“ نالي جو هجي، ته ان هنڌ تي هر ڏينهن ٻه ڀيرا بَرَڪت نازل ڪئي ويندي۔(مسند الفردوس،۲/۳۲۳،حديث:۵۶۵۲۵)

اِرشاد فرمايائون: جنهن منهنجي نالي مان برڪت جي اميد ڪندي منهنجي نالي تي نالو رکيو قيامت تائين صبح ۽ شام ان تي برڪت نازل ٿيندي رهندي۔ (ڪنزالعمال،ڪتاب النڪاح،قسم الاقوال،الباب السابعالخ، الفصل الاول في الاسماء و الڪني،جزء ۱۶،۸/۱۷۵، حديث:۴۵۲۱۳)