Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

اِرشاد فرمايائون: قيامت واري ڏينهن ٻه ماڻهو الله عَزَّوَجَلّ جي بارگاھ ۾ بيهاريا ويندا، حڪم ٿيندو؛ انهن کي جنّت ۾ وٺي وڃو۔ عرض ڪندا؛ الٰهي! اسان ڪهڙي عمل جي ڪري جنّت جي لائق ٿياسين، اسان ته جنّت جو ڪو ڪم ڪيوئي ناهي؟ الله عَزَّوَجَلّ فرمائيندو؛ جنّت ۾ وڃو! مون قسم کنيو آهي ته جنهن جو نالو احمد يا محمد هوندو، اهو دوزخ ۾ نه ويندو۔ (فردوس الاخبار، ۲/۵۰۳،حديث: ۸۵۱۵)

اِرشاد فرمايائون: الله عَزَّوَجَلّ فرمايو؛ مون کي پنهنجي عزّت و جلال جو قسم! جنهن جو نالو تنهنجي نالي تي هوندو، ان کي عذاب نه ڏيندس۔                                              (ڪشف الخفاء ،حرف الخاء ،۱/۳۴۵،حديث:۱۲۴۳)

 

پُوچھے گا مَوْلیٰ لایا ہے کیا کیا                                                میں یہ کہوں گا نامِ مُحمد

غَم کی گھٹائیں چھائی ہیں سَر پر                                              کر دے اِشارہ نامِ مُحمد

رَنج و اَلَم میں ہیں نام لیوا                                                     کر دے اِشارہ نامِ محمد

(قبالۂ بخشش،ص۷۴)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                   صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مبارڪ نالي جي فضيلتن ۽ ان جي بَرَڪتن بابت ٻڌي گهڻن اِسلامي ڀائرن جو اهو ذِهن بڻيو هوندو ته آئنده اسان به پنهنجن ٻارن، پوٽن ۽ نَواسن وغيره جو نالو مُحَمَّد ئي رکنداسين ۽ رکڻ به گھرجي پر ياد رهي! نالي مُحَمَّد تي نالو رکڻ ۾ بي اَدَبي جو اَنديشو آهي ۽ بي اَدَبي کان بچڻ نِهايت ضروري آهي، نالي مُحَمَّد جي بي اَدَبي کان بچڻ جو سڀ کان بهترين طريقو هي آهي ته عقيقي واري ڏينهن ٻار جو نالو مُحَمَّد جڏهن ته سڏڻ جي لاءِ ڪو ٻيو نالو رکيو وڃي ته جيئن نالي مُحَمَّد جون بَرَڪتون به مِلن ۽ نالي جي بي اَدَبي کان به بچت ٿي وڃي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اسان جي بُزرگن