Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

جي نالي کي جيڪا اَهمِيت ۽ فضيلت حاصل آهي اهو هر عقلمند شخص آساني سان سمجھي سگھي ٿو۔ پر اَفسوس ته جيئن جيئن اسان زَمانَه نَبَوِي کان پري ٿيندا پيا وڃون ائين اسان جي معاشري ۾ جَهالَت جي اونداهي وڌندي پئي وڃي۔ جنهن جو هڪ چٽو مِثال هي آهي ته بعض نادان پنهنجي اَولاد جي لاءِ اهڙن نالن جي ڳولها ۾ رهن ٿا جيڪو گھر، خاندان، پاڙي ۾ پري پري تائين ڪنهن جو به نه هجي، جيڪو به ٻڌي واھ واھ ڪري، واھ! ڪيترو زَبَردَست نالو رکيو آهي، اَڙي هي نالو ته اسان پهرين دفعي ٻڌو آهي وغيره وغيره۔اهڙي طرح بعض نادان بي معنيٰ نالا يا مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ غير مُسلِمن جي نالن تي پنهنجي اَولاد جا نالا رکندا آهن، اَلْاَمَان وَالْحَفِيظ۔ يقيناً هي سڀ عِلمِ دِين کان دُوري ۽ نالي رکڻ جي اَهمِيت کان ناواقِفي جو نتيجو آهي۔ ياد رکو! نالي جو تعلّق صرف دنيوي زندگي تائين ناهي بلڪ جڏهن ميدان محشر قائم ٿيندو ته انسان کي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو جنهن نالي سان ان کي دنيا ۾ سڏيو ويندو هو، جيئن ته

حضرت سيِّدُنا ابو درداء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَـنْهُ کان روايت آهي، حضورِ پاڪ، صاحب لولاڪ، سيّاح افلاڪ صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو؛ قيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔ ۔(ابو داود،ڪتاب الادب،باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴، حديث: ۴۹۴۸)

تنهنڪري وَالِدَين کي کپي ته هو پنهنجن ٻارن جا اهڙا نالا بلڪل نه رکن جن جي ڪري قِيامت جي ڏهاڙي پاڻ اُنهن ۽ انهن جي ٻارن کي سڀني جي سامهون ذِلّت ۽ شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوي۔ ها! نالا رکڻا آهن ته بَرَڪت حاصل ڪرڻ جي نِيت سان ٻارن جا نالا انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ۽ بُزُرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين جڏهن ته ٻارڙين جا نالا اُمَّهاتُ الْمُؤمنين ۽ صَحابيات رَضِى اللّٰه تَعَالٰى